نصرالله گڏاڻي علاج لاءِ ڪراچي منتقل،جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مظاهرا

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ڪوششن سان حملي ۾ زخمي ٿيل گهوٽڪي جي مقامي صحافي نصرالله گڏاڻي کي پنجاب جي شهر رحيم يار خان مان ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته سمورا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. هن زخمي صحافي نصرالله گڏاڻي جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ڪوششن سبب سنڌ حڪومت زخمي صحافي نصرالله گڏاڻي جي علاج لاءِ آغا خان اسپتال کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي صحت کاتي جي چيف ٽيڪنيڪل آفيسر پاران آغا خان اسپتال جي لاڳاپيل کاتي کي خط اماڻيو ويو آهي.آغا خان اسپتال جي پيشينٽ بزنس سروس ڊپارٽمينٽ کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت زخمي صحافي نصرالله گڏاڻي جي علاج جا سمورا خرچ برداشت ڪندي، ان ڪري زخمي صحافي نصرالله گڏاڻي جي علاج جا بل سنڌ حڪومت کي موڪليا وڃن ،جڏهن ته آغا خان اسپتال ۾ عوامي آواز جو ڊپٽي ايڊيٽر ناصر خٽڪ،ميان محمد اسلم قادري ڀرچونڊي شريف،سينئر صحافي مشتاق سرڪي، سڪندر ڀٽو، ذوالفقار ڀٽو ۽ ٻيا صحافي سياسي،سماجي اڳواڻ وڏي انگ ۾ موجود رهيا.

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي خلاف سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به احتجاج،حملي جا جوابدار  گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪاوڙ جي لهر، تفصيلن موجب ميرپور ماٿيلو ۾صحافي نصرﷲ گڏاڻي مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف پ پ  پ  شهيد ڀٽو جي سڏ تي ميرپور ماٿيلو ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري، ريلي ڪڍي وئي،  ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڀٽائي چوڪ تي پهتي ته جلسي  جي صورت  اختيار ڪري وئي، ان موقعي تي پ پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ سعيد بوزدار، ﷲ ڏتو بوزدار، واجد ميراڻي ۽ ٻين ڪارڪنن چيو ته ميرپور ماٿيلو جي ارڏي صحافي نصرﷲ گڏاڻي مٿان حملو هڪ سازش تحت ڪيو ويو آهي جيڪا بزدلاڻي حرڪت آهي، سڪرنڊ ۾ رضا محمد سيال، جاويد قاضي، مير محمد ڪيريو، مسعود عمراڻي، عبدالله مگسي، گل محمد لغاري، ذيشان سومرو، غلام حيدر سولنگي، سجاد مگسي، رمضان مگسي، منور لغاري ،غلام نبي ملاح، راج ڪماراوڏ،اوٻاوڙو ۾ عبدالحئي ڇڄڻ، عزيزالله ملڪ، علي شير چاچڙ، محمد شعبان ملڪ، ظفرنور ڀٽو، اقبال انجم،ملڪ يوسف مغل،خانپورمهر ۾ صحافين عظيم سيال ،آزاد مهر،ميهر مهر ،قاضي خادم ،شاد مهر ، ياسين ميراڻي ،خان محمد پتافي، شبير سيال ،وحيد گڏاڻي ،سريچند ڪپور، انور ملڪ، عبدالقادر سومرو، زبير سيال،راڻيپور ۾ لعل بخش سهتو، سنيل ڪمار، اسرار عمراڻي، عبدالرحيم سولنگي، رضا راڄپر، مومن ڄامڙو، وحيد سولنگي،سوڀوديرو ۾ اورنگزيب پيرزادو، ظھور حسين ڄامڙو، جمال محمود کھڙو، لعل ڏنو ملاح، زاھد سامٽيو ،فضل محمد منگي، امداد اوٺي، وزير سومرو، وندر چنو جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ صحافي سنگت سنڌ  ۽  خاڪسار تحريڪ جي اڳواڻ خاڪسار انور  علي ابڙو، اسد الله کھاوڙ، خاڪسار عمران علي دايو ۽ قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻي  جي صدر عبدالوحيد  ابڙو، منصور موريو، امان الله کوسو، سائل عباس سولنگي، عبدالھاد ڀنگر، مجاھد علي ڪھلوڙو، محمد موسيٰ مستوئي، حسين بخش ابڙو، امير بخش جي اڳواڻي ۾گهوٽڪي ۾  اسلم ملڪ، عامر چنا، يونس ڀٽو ، مسرت مهر،مشتاق شاهي لغاري،ثاقب گڏاڻي،خادم عباسي جي اڳواڻي ۾ ڏهرڪي ۾  جسقم اڳواڻ ڪامريڊ جاويد ديشي، ڪامريڊ رحيم ديشي، عبدلمالڪ مھر،  گل گبول ۽ غلام مرتضيٰ گمبٽ ۾ قمرالدين شيخ، بادشاھ ڀنڍ، سلمان عاطف مغل، امتياز ماڇي، الھداد اڄڻ، صدام ناريجو، زبير سيال، نديم ملڪ، فھيم حسين چنو، تاج مھر، حفيظ شيخ، ناظم ڄامڙو، مجيب شيخ پريالوءِ ۾  صوبل اوڍو، عبدالجبار ميراڻي، ثناء ﷲ بلوچ ، مشتاق احمد سولنگي ، ظفر بلوچ ،عمران علي اوڍو ، انور ناريجو، حماد ميمڻ ، عبدالسلام بلوچ ، محمد عمر ڀٽو،  ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾  ڀان سيد آباد ۾ مظفر کوکر،آدم علي مينگل، ذوالفقار علي مينگل، ياسر شورو ، پرديپ ڪمار ، عاشق مينگل ، ڪريم جمالي صفر خشڪ ، راشد کوکر ، سليم ڀنڊ ، نظام ڳنڀير ۽ ٻين قلم ڌڻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ڀان جي صدر اڪرم ميمڻ ، اظهر ڪنڀر ۽ ساجد ميمڻ ۽  ٻيا شريڪ ٿيا ، ان موقئي تي قلم ڌڻي نٽهڻ اس تي پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻي کي ”صحافين تي حملا بند ڪريو“ جا نعرا هنيا ويا ، سکر ۾  ساحل جوڳي، تاج رند، ايڊووڪيٽ قربان بلوچ، گوهر خان کوسو، ايڊووڪيٽ قربان ڪَلوڙ، ماجد ڏنور، نور حسن چوهاڻ، بچل مهر، دين محمد سميجو، نثار چنجڻ، نجمه نور، سليم جاگيراڻي چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ٿين ها ۽ اجئي لالواڻي توڙي عزيز ميمڻ جي قاتلن کي سزا ملي ها ته اڄ نصرالله گڏاڻي تي حملو نه ٿئي ها، نصر الله گڏاڻي تي قاتلاڻو حملو آزادِ صحافت تي وار آهي، ڀوتارڪو نظام ۽ هڪ مخصوص سوچ رکندڙ لابي مسلسل صحافين کي نشانو بڻائي رهي آهي، احتجاج ۾ اشرف ابڙو، حميد دل، ذوالفقار ملاح، علي گوهر شنباڻي، شبير جوڳي، عرفان ملڪ، غلام شبير ميمڻ، مراد گڏاڻي، امداد گڏاڻي ۽ ٻين صحافين توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ڪنڊيارو ۾  محمد سومر گهانگهرو ۽ ايف اي گهانگهرو عبدالرزاق گهانگهرو، اربيلو اوڏ،غلام حسين پيرزادو،اسد اي ڊي گهانگهرو، عثمان گوپانگ  ۽ فياض سولنگي ،نوشهروفيروز ۾ ايم ظفر تڳر ، سنڌ صحافي اڳواڻ يونس راڄپر، مھر وسطڙو، عوامي آواز تعلقه رپورٽر معراج لاشاري،ضمير لنڊ،شاھد کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خيرپور ۾  خان محمد خان،عوامي آواز اخبار ضلعي خيرپور جو رپورٽر مختيار ڦلپوٽو،شاھد نواز سيال،زاھد سولنگي،يوسف آرائين،علي خان رند،محسن ڀٽي،فياض شيخ،شعيب چنا،سرائي شھباز،ياسر سيال،عرفان منگي،عوامي آواز ٽي وي جو رپورٽر سيد نعيم حسين شاھ جي اڳواڻي ۾مانجھند ۾يوسف عمراڻي، گلزار ملاح، محرم خاصخيلي محسن علي خاصخيلي سماجي اڳواڻ امير بخش خاصخيلي، غلام قادر ڪنڀر،ڪشمور ۾ غلام فريد ڄامڙو، عوامي دليپ ڪمار ڪيسواڻي،محمد شريف ڄامڙو، ماجد علي مزاري ، احمد علي سيال، تاج کوسو، ڄام اصغر چاچڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

  1. ”نصرالله گڏاڻي تي حملي جا جوابدار گرفتار ڪريو“ ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس آڏو ڌرڻو

ميرپورماٿيلو/ڏهرڪي(رپورٽ پريم راٺوڙ+اجيت ڪمار) ميرپور ماٿيلو ۾ هٿياربندن هٿان ميرپورماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي صحافين جي سڏ تي  مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن پاران ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي لطيف لغاري، سيد اشرف شاھ، هادي بخش جلباڻي، ڪامريڊ ڪمال مهر، اڪيم ميتلو، وڪيل عبدالمجيد جلباڻي، ۽ ٻين ڪئي، ۽ اڳواڻن انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نصرالله گڏاڻي حق ۽ سچ  لکڻ ۽ چوڻ جي ڏوھ ۾ فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه احتجاجي ڌرڻي ۾ مظاهرين سان ڳالهين لاءِ پهتو جتي ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن کان اسان ڪوشش ڪيون پيا،  انشاء الله جلد اصل جوابدار آهن انهن تائين پهچي وينداسين، واقعي جي جاچ کي في الحال ڪجھه اھم پوائنٽ جي سبب ميڊيا سامھون نه پيا رکون اسين انشاءالله عوام ۽ صحافين جي اميدن تي پوري لھڻ جي ڪوشش ۾ آھيون ھر رخ سان جاچ ھلندڙ آھي جلد نتيجا به سامهون ايندا ھڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي چيوته زخمي صحافي جي بھتر علاج لاءِ ھر ممڪن سورس جو استعمال ڪيو ويندو ۽ آءٌ زخمي صحافي جي فيملي سان به رابطي ۾ آھيان قانون کي چيلينج ڪندڙ جلد نتيجا ڏسندا زخمي صحافي جي طبيعت ۾ بھتري آئي گھوٽڪي يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻن سيد اشرف شاھه، لالا غلام قادر ڀٽو، اسلم حسيني، غلام حسين ڀٽو، ظھير سومرو، ظفرالله سميجو، قادر جٽ،  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته ضلعي گھوٽڪي اندر اغوا ، ڦرون ، اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ وارداتن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي صحافي نصرالله گڏاڻي جو واقعو دل سوز واقعو آھي ھتي ڪوئي محفوظ ناھي

  1. نصرالله جي علاج لاءِ پئسا جمع ڪرايا پر عوامي آواز سٿ جي ساٿي واپس ڪرايا: مشتاق سرڪي

ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي مشتاق سرڪي چيو آهي ته صحافي نصرالله گڏاڻي جي علاج لاءِ مون 10 لک رپيا آغا خان اسپتال ۾ جمع ڪرايا، جيڪي عوامي آواز سٿ جي ساٿي ناصر خٽڪ واپس ڪرائي ڏنا ۽ چيو ته سنڌ حڪومت سمورو انتظام ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ شرجيل ميمڻ جا ٿورا مڃيندي چيو ته شرجيل ميمڻ به سمورو خرچ ڀرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

  1. ڊي آءِ جي سکر جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪري: عامر نواز وڙائچ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران صحافي نصرالله گڏاڻي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آهي، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، جنرل سيڪريٽري اختيار چنا، نائب صدر نصرالله جلباڻي ۽ ٻين پاران هڪ بيان ۾ چيو آهي ته  نوجوان، ايماندار، محب وطن ۽ مخلص صحافي تي ٿيل وحشياڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. ڪراچي بار چيو آهي ته نصرالله گڊاڻي 21 مئي 2024 تي ميرپور ماٿيلو، ضلعي گهوٽڪي ۾ پنهنجي پروفيشنل ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ دوران حملي جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيو ۽ سندس جان بچائڻ لاءِ اسپتال ۾ داخل آهي. ڪراچي بار ايسوسيئيشن ڊي آءِ جي سکر سميت لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان واقعي جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

  1. نصرالله گڏاڻي تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد (پ ر)ميرپور ماٿيلو جي سينئر صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا جوابدارن کي گرفتار ڪري  سخت سزا ڏني وڃي اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ھڪ پريس بيان جاري ڪندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ آھن صحافي نصرالله گڏاڻي کي حق سچ لکڻ جي سزا ڏني وئي

  1. صحافين جي وفد جي ڊي آءِ جي سکر سان ملاقات

سکر (رپورٽر) سکر پريس ڪلب، سکر يونين آف جرنلسٽس جي وفد پريس ڪلب جي صدر آصف ظهير خان لوڌي جي اڳواڻي ۾ ڊي آءِ جي سکر  پير محمد شاهه سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ احقر شاھ، شھزاد تاباني شامل ھئا. وفد ڊي آءِ جي سکر کي ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ صحافين ۾ موجود پريشاني۽ ڪاوڙ کان آگاهه ڪيو ۽ حملي آورن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ڊي آءِ جي سکر چيو ته هو صحافين جي خدشن ۽ واقعي جي سنگيني کان آگاهه آهن، ان معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، هن وفد کي يقين ڏياريو ته نصرالله گڏاڻي تي حملو ڪندڙن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو وفد شهيد صحافي جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري ۾ سست رفتاري تي يقين ڏياريو ته پوليس جون ڪوششون جاري آهن، قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر ڊي آءِ جي سکر کي پريس ڪلب اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن کي ڊي آءِ جي سکر آفيس جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر فرحان سرور پڻ موجود هو.

  1. ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان مسلسل رابطي ۾ آهيان:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صحافي نصرالله گڏاڻي جي طبيعت جي حوالي سان ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان  مسلسل رابطي ۾ آهيان، هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي ريسڪيو 1122 جي ايمبولنس به ڪالهه کان نصرالله گڏاڻي جي آغا خان اسپتال ڪراچي منتقلي لاءِ تيار بيٺل آهي، رحيم يار خان جا ڊاڪٽر ڳڻتي جوڳي صورتحال سبب نصرالله کي منتقل ڪرڻ جي اجازت نه پيا ڏين

  1. ايس ايس پي گهوٽڪي ثمير نور چنا جي نگراني ۾ جي آءِ ٽي قائم

سکر (رپورٽر) ڊي آءِ سکر سيد پير محمد شاهه پاران عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي مٿان ٿيل حملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي  گهوٽڪي ثمير نور چنا جي نگراني ۾  جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا نصرالله گڏاڻي تي ٿيل حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن وسائلن کي قطب آڻيدي ۽ ان جي رپورٽ روزانو جي بنياد تي ڊي آءِ سکر کي ڏني ويندي. ڊي آءِ جي سکر واضع ڪيو ته صحافي تي حملي ڪندڙن کي ڪنهن صورت بخش نه ڪيو ويندو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏياري ويندي.

  1. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي سان ڳالهايو آهي: محمد بخش مهر

گهوٽڪي(ايم اقبال+ آزاد مهر) زراعت، راندين، نوجوانن جي معاملن، انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي صوبائي وزير چيف  سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙ قبيلائي جهيڙن کي جلد ختم ڪرائي ڪچي توڙي پڪي جي علائقن ۾ امن امان بحال ڪرايو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار هن تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ پھرين ڊجيٽل ايڪسري مشين جو افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو. هن چيو ته تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ پھرين ڊجيٽل ايڪسري مشين جي فراھمي سان علائقي جي عوام کي فائدو ملندو ۽  ھي صحت جي شعبي جو ھڪ بھترين قدم آھي، صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي هن چيو ته اسان آزاد صحافت تي يقين رکون ٿا، صحافي برادري سان هر موڙ تي گڏ آهيون، صحافي نصرالله گڏاڻي جي مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي کي هدايتون جاري ڪيون آهن.هوڏانهن نينشل بينڪ خانپور مهر جي مينيجر قربان علي مهر به صحافي نصرالله گڏاڻي واري واقعي جي مذمت ڪندي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

  1. نصرالله گڏاڻي تي حملي جو ماسٽر مائنڊ ڪير؟غوثپور ۾ احتجاج

غوثپور(ن ع آ)نصرالله گڏاڻي تي حملي خلاف غوثپور ۾ صحافين ۽ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، صحافين عبدالغفار اوڳاهي، جمال الدين اوڳاهي، عبدالجبار اوڳاهي، علي بخش ميراڻي، شير زمان بجاراڻي ،صفي الله لاشاري، غلام مصطفيٰ ٻيڙي، ثناءﷲ اوڳاهي، حاجي شاهنواز  شيخ، حافظ بشير اوڳاهي، اصغر علي بجاراڻي چيو ته ميرپورماٿيلو جي صحافي تي حمو صحافت تي وار آهي، جوابدار فوري طور گرفتار ڪيا وڃن، ان واقعي جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.