پشاور( م ڊ ) پهرين اڏام ڪرغزستان کان 290 شاگردن کي کڻي پشاور پهتي ، ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ کان پهرين اڏام 290 پاڪستاني شاگردن کي کڻي پشاورپهچي وئي آهي. ايئرپورٽ تي خيبرپختونخواهه جي صوبائي وزير هائير ايجوڪيشن مينا خان ۽ ايم اين اي فيصل امين گنڊاپور سميت ٻين شاگردن جو استقبال ڪيو. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پاڪستان واپس ايندڙ شاگردن جي استقبال لاءِ ايئرپورٽ نه پهتو. صوبائي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو ته سڄي پاڪستان جي شاگردن کي اوليت ڏني وئي آهي ته هو بشڪيڪ کان وطن واپس اچن، ڊي جي پي ڊي ايم اي خيبرپ ختونخواهه موجب شاگردن کي آڻڻ لاءِ ٻي اڏام اڄ پهچندي.