سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪوآپريٽو سوسائٽي جي رجسٽرار کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي ٻه رڪني بئنچ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪوآپريٽو سوسائٽي جي رجسٽرار ضمير عباسي  کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. جسٽس ظفر راجپوت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 18هين گريڊ جي آفيسر کي 19 هين گريڊ تي ڇو مقرر ڪيو ويو آهي؟ ضمير عباسي جي وڪيل چيو ته سنڌ ۾19هين گريڊ جو هڪ به آفيسر پوسٽنگ لاءِ انتظار نه ڪري رهيو آهي. عدالت ضمير عباسي کان پڇاڻو ڪيوته 18هين گريڊ جو آفيسر 19هين گريڊ ۾ نٿو ويهي سگهي، توهان کي معطل ڪيو ٿو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.