مون کي گرفتار ڪرائڻ ۾ محسن نقوي جو اهم ڪردار هو: پرويز الاهي

لاهور(م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ)جي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته مون کي گرفتار ڪرائڻ ۾  اهم ڪردار محسن نقوي جو هو. ڪوٽ لکپت جيل مان آزادي ماڻڻ کان پوءِ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته رب پاڪ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان ته هن مون کي سرخرو ڪيو ۽  مون کي همٿ ڏني ته ثابت قدم رهيس. هن چيو ته گجرات جي ماڻهن کي تمام گهڻيون زيادتيون ۽ ظلم برداشت ڪرڻا پيا. پرويز الاهي چيو ته گجرات ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. چوڌري شجاعت جي ٻارن سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اسان کي پنهنجو مينڊيٽ واپس نه ڪيو ويندو.  پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته مون کي گرفتار ڪرائڻ ۽  مون سان زيادتي ڪرائڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم ڪردار محسن نقوي جو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان سان گڏ هئس ۽ انشاءَالله گڏ ئي رهندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.