ڪراچي (رپورٽر)ڪميشن جي ذريعي 1053 ڊاڪٽرن جي مقرري وارو معاملو عدالت اچي ويو. انٽرويو ۾ ناڪام اميدوارن پاران ايس پي ايس سي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت پاران 1053 ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن کان جواب طلب ڪيو ويو هو جن مان ڪجهه ڊاڪٽرن پاران وڪالت نامه جمع ڪرايا ويا آهن. عدالت درخواستگذارن کي چيو ته اوهان ڪهڙي بنياد تي درخواست داخل ڪئي آهي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.