اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) اسلام آباد ۾ نامعلوم ماڻهن جي حملي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن زخمي ٿي پيو، ميڊيا رپورٽ موجب کدڙن جي حملي ۾ زخمي ٿيل رئوف حسن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته رئوف حسن تي کدڙن هڪ خانگي ٽي وي چينل جي آفيس ٻاهران حملو ڪيو. اسلام آباد پوليس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته رئوف حسن مٿان خانگي ٽي وي جي آفيس ٻاهران بليڊ سان حملو ڪيو ويو، هن چيو ته اکين ڏٺن شاهدن موجب رئوف حسن کي کدڙن منھن تي بليڊ جا وار ڪيا ويا، پوليس واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا آهن، هن چيو ته جن به کدڙن اهو ڪم ڪيو آهي انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ حملي کي شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو قرار ڏيندي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ رئوف حسن جي چهري مان رت وهندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ان سان گڏ اينڪر پرسن شاهد مسعود به نظر آيو، پي ٽي آءِ چيو ته هي پرتشدد ۽ قابل مذمت عمل اظهار جي آزادي، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني تي حملو آهي، پارٽي جو چوڻ آهي ته اهڙيون ڪريل حرڪتون رئوف حسن يا پي ٽي آءِ کي پنهنجي مقصد کان هٽائي نه ٿيون سگهن، اسان کي خوفزده ڪرڻ يا خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش اسان جي انصاف ۽ برابري واري سماج لاءِ جاري ويڙهه جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته رئوف حسن تي حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هي سنجيده معاملو آهي، سڀ کان وڏي پارٽي جي ترجمان تي حملو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ميمبرن ايوان ۾ شيم شيم جا نعرا هنيا ويا، رئوف حسن تي حملي خلاف پي ٽي آءِ ميمبرن سينيٽ مان واڪ آئوٽ ڪيو، قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته واقعي جو قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، هو رئوف حسن تي حملي بابت گهرو وزير سان رابطو ڪندا، سينيٽ ۾ ڳالهائيندي سينيٽر فيصل واڊا چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي تي اسان سڀ متحد آهيون، رئوف حسن تي حملي جي مذمت ڪريان ٿو. .