خراب موسم ۾ ايراني صدر جو هيليڪاپٽر ڇو موڪليو ويو؟

تهران/لاهور(عمر چيما+مبشر لقمان+معظم فخر)ايراني صدر ابراهيم رئيسي بيل 212 نالي هيليڪاپٽر تي سوار هو،اهو هيليڪاپٽر آمريڪي ڪمپني بيل ٽيڪسٽرون تيار ڪيو آهي، ايران تي پابندين جي ڪري تهران هيليڪاپٽر جي پرزن حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ،پابندين جي ڪري ايران جو هوابازي جو شعبو ڪمزور ٿيو آهي، ان قسم جي هيليڪاپٽرن کي گڏيل عرب امارات،ايران،ممبئي ۾ حادثا پيش اچي چڪا آهن، هڪ رپورٽ مطابق 1972ع کان 2024ع تائين بيل 212 کي لڳ ڀڳ 432 حادثا پيش اچي چڪا آهن، جن ۾ تقريبن 630 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن،موسمي حالتون ڏسڻ کان بغير ايراني صدر کي ڪيئن سفر تي روانو ڪيو ويو،ان قافلي ۾ ٻه ٻيا به هيليڪاپٽر شامل هئا،اهي موسم جي شدت کان ڪيئن محفوظ رهجي ويا؟ جيستائين ان حادثي جي جاچ نٿي ٿي وڃي تيستائين ان کي حادثو قرار نه ڏيڻ گهرجي،ڪجهه ايراني پارليامينٽ ميمبرن ان واقعي تي سوال اٿاريا آهن، ايراني قومي سلامتي جي ميمبر شهريار حيدري چيو ته موسميات کاتي کي ايراني صدر جي هيليڪاپٽر جي پائليٽ کي موسمي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ گهرجي ها،گذريل سال به ان ڊيم تي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو هو،ايراني صدر جنهن هيليڪاپٽر ۾ سفر ڪري رهيو هو اهو 30 سال پراڻو هو،ان پائليٽ جا حال برا هئا، هيلي تي 6 ماڻهو سفر ڪري پئي سگهيا،9 ماڻهو ڇو سوار ٿيا؟ تازو اسرائيل تي ايراني حملو ۽ شهيد ايراني صدر جو پاڪستان دورو ان واقعي جون اهم ڪڙيون آهن،هن افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي حمايت ڪئي هئي، يوڪرين جنگ ۾ روس جي حمايت ڪئي،چين سان تاريخي معاهدا ڪيا،ابراهيم رئيسي جي دور ۾ سعودي عرب سان لاڳاپا بحال ٿيا، تازو هن پاڪستان جو به اهم دورو ڪيو، سوشل ميڊيا تي اسرائيلي ايجنسي موساد تي قتل جا الزام لڳي رهيا آهن، ايراني حڪومت مختلف ماڻهن کان پڇاڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي،پاڪستاني سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي اهو هلي رهيو آهي ته ايراني صدر جو پاڪستان دورو هن لاءِ نڀاڳو ثابت ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.