سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر

ڪراچي ( رپورٽر ) چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي  ته ڪراچي ۾ مئي جي آخر تائين موسم گرم ۽ گهميل رهندي جڏهن ته 15 جون کانپوءِ ملڪ ۾ سانواڻي جي برساتن جي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيف ميٽرولوجوسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته هوا جي وڌيڪ دٻاءُ سبب گهڻي قدر علائقن ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ آهي ۽ جون جي پهرئين هفتي تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.هن چيو ته ڪراچي ۾ مئي جي آخر تائين موسم گرم ۽ گهميل رهندي، شهر ۾ مئي دوران سراسري گرمي پد 35 ڏهائي 8 ڊگري سينٽي گريڊ آهي جڏهن ته گرمي پد 38 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.سردار سرفراز جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هيٽ ويو نه آهي جڏهن ته سراسري طور گرمي پد معمول کان 2 يا 3 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته 15 جون کانپوءِ ملڪ ۾ سانوڻي جون برساتون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.