آمر ضياءُ سميت دنيا جا ڪيترائي آمر ۽ حڪمران حادثي جو شڪار ٿيا

ڪراچي( نيوز ڊيسڪ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي کان اڳ دنيا جا تقريبن 14 حڪمران حادثي جو شڪار ٿيا آهن، جن ۾ آمر  به شامل آهن. 7 سيپٽمبر، 1940 تي، پيراگوئي جو صدر، جوس فيلڪس ايسٽيگريبيا، Altos جي شهر ۾ جهاز جي حادثي ۾ مارجي ويو. 17 مارچ 1958ع تي فلپائن جو صدر رامون ميگسيسي 49 سالن جي عمر ۾ بالمبان، سيبو ۾ جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو. نيريو راموس، جيڪو مختصر وقت لاءِ برازيل جو عبوري صدر رهيو، 69 سالن جي عمر ۾ 16 جون 1958ع تي جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ان کان علاوه 18 جولاءِ 1967ع تي برازيل جي فوجي سربراهه ۽ صدر مارشل همبرٽو ڊي الينڪر ڪاسٽيلو برانڪو جو جهاز برازيل جي شهر فورٽليزا ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. 17 آگسٽ 1988ع تي بهاولپور ۾ ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو 64 سالن جي ڄمار ۾ موت جو شڪار ٿيو.

  1. رئيسي جو وڇوڙو اسلامي دنيا لاءِ وڏو نقصان آهي: حوثي ويڙهاڪ

صنعاءَ (م ڊ)يمن جي حوثي ويڙهاڪن به ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي، جنهن ۾ سندن  چوڻ آهي ته ”ايراني صدر جو موت اسلامي دنيا لاءِ وڏو نقصان آهي“.ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ حوثي ويڙهاڪن جي ترجمان، محمد عبدالسلام، لکيو آهي ته "صدر رئيسي جي موت نه رڳو ايران لاءِ، پر سڄي اسلامي دنيا، فلسطين ۽ غزه لاءِ هڪ نقصان ۽ وڏو صدمو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته ‘فلسطينين کي هڪ اهڙي ئي صدر جي ضرورت آهي جيڪو پنهنجي حقن جو دفاع جاري رکي سگهي. حوثي ويڙهاڪ اسرائيل کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا ۽ غزه ۾ جاري جنگ جي حوالي سان هنن گاڙهي سمنڊ ۾ مال بردار جهازن تي حملا به ڪيا آهن.

  1. حادثي ۾ اسرائيل جي ملوث هجڻ جو اڃا تائين ثبوت نه ملي سگهيو

يروشلم (م ڊ)هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اسرائيلي جي ملوث هجڻ جو اڃا تائين ڪو ثبوت سامهون نه آيو آهي. عالمي اڳواڻن هن وقت تائين ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي پر اسرائيل اڃا تائين احتياط سان قدم کڻي رهيو آهي. اسرائيل ايران پاران ڪنهن به اهڙي اشاري کي نظر ۾ رکيو ويٺو آهي ته حاثي ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو نه وڃي، ياد رهي ته ايران جي سرڪاري ميڊيا هيلي ڪاپٽر حادثي جو سبب خراب موسم قرار ڏنو آهي، ٻئي طرف اسرائيلي اهلڪار مقامي ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيا آهن ته انهن جو ايراني صدر جي موت ۾ ڪو به هٿ نه آهي. ياد رهي ته مهينو اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ واري صورتحال هئي ۽ ايران اسرائيل ۾ اهم هدفن تي سوين ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪيا هئا.

  1. 9 مئي واقعي جي منصوبا بندي جنرل فيض ڪئي:فيصل واوڊا

اسلام آباد ( م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته  9 مئي واري واقعي  جي جنرل فيض منصوبابندي ڪئي هئي، جنهن جا مون وٽ ثبوت موجود آهن جڏهن 9 مئي جو ڪيس کليو ته آئون سمورا ثبوت  عدالت ۾ پيش ڪندس، هڪ سوال جي جواب ۾ فيصل واوڊا چيو ته حڪومت ۽ عدليه ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو پاڪستان جي آئين تي عمل سان ممڪن آهي،  هر شخص ۽  اداري کي پنهنجي  حد ۽ ملڪ جي آئين جي اندر رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته اهو  نه رڳو اسان پر جج پڻ ڄاڻن ٿا ته جبري گمشدگين ۾ ڪير ملوث آهن ان لاءِ ججن کي انهن ماڻهن خلاف سخت فيصلا ڪرڻ گهرجن ته جيئن ملڪ مان جبري گمشدگين جو سلسلو ختم ٿي سگهي.

  1. آصف زرداري دبئي روانو، يوسف گيلاني وقتي صدر ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري نجي دوري تي دبئي روانو ٿي ويو آهي. صدر جي غيرموجودگي ۾ چيئرمين  سينيٽ يوسف رضا گيلاني وقتي صدر جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. ڪابينا سيڪريٽريٽ وقتي صدر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب يوسف رضا گيلاني صدر آصف زرداري جي پرڏيهه دوري سبب وقتي صدر جا فرض سرانجام ڏيندو. ياد رهي ته آئين موجب صدر جي موڪل، پرڏيهي سفر يا ٻين سببن تي سينيٽ جو چيئرمين وقتي صدر هوندو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سيدال خان  سينيٽ جو وقتي چيئرمين هوندو.

  1. مريم نواز کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گهرائڻ جي وارننگ

لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وزير اعلي’ مريم نواز کي طلب ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اي ٽي سي ون راولپنڊي کان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته حڪومتي ڪميٽي ججن جي مقرريءَ واري معاملي تي وزير اعلي’ سان صلاح مشورا ڪيو. عدالت پنجاب حڪومت کي جج مقرر ڪرڻ جو آخري موقعو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تائين جج مقرر نه ٿيا ته پنجاب جي وزير اعلي’ عدالت ۾ پيش ٿئي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته وڏي وزير چيو آهي ته ججن جي مقرري جو معاملو ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ايجنڊا نمبر ون تي رکيو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي ڪابينا جو خاص اجلاس سڏائڻ گهرجي ها. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جمعي تي ڪابينا جو اجلاس گهرائي معاملو حل ڪيو ويندو. حڪومت کي هاءِ ڪورٽ پاران ڏنل نالن تي ڪو به اعتراض ناهي. ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ حڪومتي ڪميٽي جا ماڻهو به نه آيا، توهان عدالتن جو اهو احترام ڪيو ٿا؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.