ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو المناڪ حادثي ۾ لاڏاڻو

ڪنهن به ماڻهوءَ جي موت اونئن ئي دردناڪ هوندو آهي پر جهڙي نموني ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جو هيليڪاپٽر حادثي ۾ اجل ٿيو آهي تنهن ان کي ويتر المناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. رپورٽون آهن ته ايراني صدر ايران ۽ آذربائيجان جي سرحدي علائقي ۾ هڪ ڊيم جو افتتاح ڪري واپس وڃي رهيو هو ته سندس هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن ۾ سندن شهادت ٿي آهي.

ايران جو صدر ابراهيم رئيسي سان اهو موتمام حادثو اهڙي وقت ٿيو جنهن وقت هو عالمي طور ڇانيل هو. خاص ڪري اسرائيل جي غزا تي حملي خلاف اسلامي ملڪن مان هي پهريون سربراهه هو جنهن اسرائيل خلاف سڌي مزاحمت ڪندي اسرائيل جي فوجي ٺڪاڻن تي ميزائل حملا ڪيا هو جنهن تي آمريڪا به سندس خلاف هو. ان مزاحمت سبب صدر ابراهيم رئيسي اسلامي دنيا ۾ تيزي سان مقبوليت ماڻي رهيو هو. اهڙي وقت ۾ ساڻس ٿيل اهو موتمار حادثو ڪيترن ئي شڪ شبهن کي پڻ پيدا ڪري رهيو آهي ته ساڻس ٿيل حادثو فطري هو يا ڪنهن تخريبڪاري يا سازش جو نتيجو هو.

ايران جي حڪومت يقيني طور تي ان هيليڪاپٽر حادثي جي جاچ ڪندي اسان جي ته اها خواهش هوندي ته هي واقعو ڪنهن تخريبڪاري يا سازش جو نتيجو نه هجي ته جيئن دنيا اندر ڪو جنگي ماحول نه برپا ٿي پوي. بهرحال حادثي جي جاچ ضرور ٿيڻ گهرجي ته جيئن ان جاچ جي رپورٽ جي روشني ۾ اڳتي اهڙن واقعن کي ٿيڻ نه ڏجي.

سو جيئن اسان مٿي بيان ڪيو آهي ته ايران جو صدر ابراهيم رئيسي هن وقت اسلامي دنيا جو مزاحمت ڪار اڳواڻ طور اڀري آيو هو تنهن ڪري سڄي اسلامي ملڪي برادري کي ان سانحي جو دلي صدمو رسيو آهي. پاڪستاني عوام کي به ڪيترن ئي حوالن سان ان المناڪ واقعي جو شديد صدمو رسيو آهي. ايران جو اهو صدر مهينو اڳ پاڪستان جي دوري تي آيل هو جنهن کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي هئي. ايران جي صدر پاڪستان ۾ اهو دورو اسرائيل تي ڪيل ميزائل حملي کانپوءِ ترت ئي ٿيو هو. ٻيو ته حڪومت سندس پاڪستان واري دور جي موقعي تي عام موڪل جو به اعلان ڪيو هو. ان حوالي سان به پاڪستاني عوامي لاءِ ايراني صدر جو اهو دورو ياد رهندو جيڪو سندن ذهنن تي اڃا تازو ئي آهي تنهن ڪري ايراني صدر جي ايئن اوچتي لاڏاڻي سان پاڪستاني عوام کي به وڏو صدمو رسيو آهي.

هن موقعي تي اسان سڀ ايران جي عوام جي هن سانحي تي ساڻن گڏ آهيون.ا يران سان اسان جي ملڪ جا تمام اهم لاڳاپا  آهن. ايران پهريون ملڪ آهي جنهن پاڪستان کي سڀ کان اڳ ۾ آزاد ملڪ طور قبول ڪيو هو. ويجهي تاريخ ۾ ايران پاڪستان سان جيڪو سوئي گيس جو معاهدو ڪيو هو تنهن حوالي سان به پاڪستان ۽ ايران جا سٺا لاڳاپا هيا. اهي لاڳاپا اڃا وڌيڪ مضبوط تڏهن ٿيا جڏهن ايران جو صدر اهڙي وقت پاڪستان آيو جڏهن آمريڪا ايران جي خراب لاڳاپن باوجود پاڪستان، ايراني صدر جي شاندار ۽ يادگار طريقي سان آجيان ڪئي هئي. ان ڪري ايئن سمجهو ته اهو ايراني صدر اسان جو تازو ترين مهمان هو. جنهن جون ڪچهريون اسان جي حڪمرانن جي ذهنن تي اڃا تازيون آهن جن جو اهي ذڪر به ڪري رهيا آهن.

هن وقت ايران جو عوام بي شڪ پنهنجي صدر جي حادثاتي موت تي صدمي ۾ چور آهي . اسلامي ملڪن جو فرض آهي ته ان دکدائڪ وقت ۾ ايران ۽ ان جي عوام سان گڏ بيهن. پاڪستان به هڪ پاڙيسري ملڪ طور ايران سان ان المناڪ واقعي تي صدمي جو اظهار ڪري ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته ايران ۾ صدر ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي سان ڪو حڪومتي يا سياسي بحران پيدا نه ٿيندو پر ايران جو ملڪ ۽ قوم همت ۽ طاقت سان ان صدمي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.

ڪرغزستان ۾ ڦاٿل سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي به مالڪي ڪريو

ڪرغزستان ۾ شاگردن جي ويڙهه ۽ ڇڪتاڻ سبب جتي اسان جي ملڪ جا شاگرد ۽شاگردياڻيون بيشڪيڪ جي يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ ڦاٿل آهن ۽ سندن جان کي خطرو آهي اتي رپورٽن موجب سنڌ جا به ڪافي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڦاٿل آهن جن جي پاڻ واهر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪالرشپ تحت ڪرغزستان جي شهر بشڪيڪ ويل آهن.  انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين جو سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته اهي به وفاقي حڪومت وانگر سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي واهر ڪندي سندن واپسي جا انتظام ڪري يا کين محفوظ هنڌ منتقل ڪري.

حڪومتون ته هميشه سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپينديون آهن جڏهن ته صورتحال اها آهي جو ڪرغزستان جي حڪومت پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي به ناسازگار حالتن سبب دورو ڪرڻ کان منع ڪيو آهي. ٻيو ته ڪرغزستان مان پنهنجي جان بچائي آيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪا اتان جي صورتحال ٻڌائي رهيا آهن سا ڳڻتي جوڳي آهي. تنهن ڪري اهڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ظاهر آهي ته سندن والدين ۽ مٽن مائٽن کي تمام گهڻو اونو هوندو. اهي به رپورٽون آهن ته هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خراب حالتن سبب هر قسم جي پريشاني آهي. ايستائين جو اهي کائڻ پيئڻ ۽ ٻين ضرورت جي شين کي ماڻڻ لاءِ به لاچار آهن موبائيل جو نيٽ ورڪ نه هجڻ ڪري سندن والدين سان رابطو به ٽٽي چڪو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت ئي آخري سهارو آهي جيڪا سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان اتان جي حڪومت جي ذريعي رابطو ڪري سندن سارسنڀال لهي سگهي ٿي ۽ والدين توڙي شاگردن ۾ رابطو ڪرائي سگهي ٿي ايئن جيئن وفاقي حڪومت ملڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حفاظت سان جهاز تي کين واپس ملڪ آڻڻ جو بندوبست ڪيو آهي پر سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين جو چوڻ آهي ته سندن ٻارن جي ايئن ڪا مالڪي نه ٿي آهي. سو اسان سنڌ حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته اها ڪرغزستان ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ويل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي جان کي محفوظ بڻائڻ جا جوڳا انتظام ڪرائي ۽ جيڪڏهن کين عارضي طور واپس ملڪ آڻائڻ جو بندوبست ڪري ته اهو اڃا به بهتر ٿيندو. اميد ته سنڌ سرڪار ان حوالي سان پنهنجو وقتائتو ڪردار ادا ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.