لاهور ( بيورو+ م ڊ ) پنجاب جي خوراڪ کاتي صوبي مان ڪڻڪ جي فراهمي تي پابندي جي ترديد ڪري ڇڏي. پنجاب جي خوراڪ کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاليسي موجب ڪڻڪ جي بين الصوبائي ۽ ضلعي اندر منتقل ٿيڻ جي اجازت آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته پنجاب جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ جي ترسيل تي پابندي جو ڪو به نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو. ياد رهي ته ان کان اڳ پنجاب جي خوراڪ کاتي طرفان اجازت کانسواءِ صوبي مان ڪڻڪ کڻي وڃڻ تي پابندي هئي.