لکي غلام شاھ (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ بوجا ناپر ۾ زمين جي مالڪي تان عبدالغور ناپر ۽ عبدالحفيظ ناپر واري ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جوابدار پوليس اهلڪار عبدالغفور ناپر هوٽل تي ويٺل ڀائرن مٿان سرڪاري هٿيار سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عبدالقدير ناپر، ضمير ناپر پٽ عبدالحفيظ ناپر موقعي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڀاءُ عقيل احمد ناپر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻن ڀائرن جي قتل بعد ڳوٺ ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو، قتل ٿيل ڀائرن جا مڙه کڻائي شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا هڪ ئي وقت ٻنهي ڀائرن جا مڙه گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو هوڏانهن زخمي ٿيل ٽئين ڀاءُ عقيل احمد جي به حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي مقتول جي وارث منظور احمد ناپر جو چوڻ آهي ته ڳوٺ اڳيان پلاٽ آهي جيڪو به اسانجو آهي جنهنجو فيصلو به سڀاڻي رکيل هيو پر ڏاڍ مڙسي ڪري پوليس اهلڪار عبدالغفور ٻين سان گڏجي هوٽل تي ويٺل ڀائرن مٿان سرڪاري هٿيار سان فائرنگ ڪري ناحق خون ڪيا آهن اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيا آهن.