جماعت اسلامي پاران ڌاڙيل راڄ خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ  صوبي ۾ بي امني، لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف تحريڪ ۽ ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو  فيصلو ڪري ورتو، جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل صوبائي شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي خوشحالي ۽ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ ظالم وڏيراشاهي کان نجات اڻ ٽر آهي، سنڌ ۾ گذريل 16 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي اهو سوال ته حڪومت کان ڪرڻ گهرجي ته جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار جي اسڪواڊ واري گاڏي مان هٿيار اسمگلنگ کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي، جماعت اسلامي دين کي نافذ ڪرڻ ۽ حق جي غلبي توڙي طاغوتي قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي تحريڪ آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.