اين اي 148 تي ننڍي چونڊ:پ پ اميدوار علي قاسم گيلاني ميدان ماري ورتو

ملتان ( م ڊ ) ملتان ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 148 تي ننڍي چونڊ ۾ ووٽن جي ڳڻپ بعد پ پ  اميدوار علي قاسم گيلاني ميدان  ماري ورتو آهي، رپورٽ مطابق ملتان ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 148 تي پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي.پولنگ وقت سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت رهيا،  ان تڪ ۾ 8 اميدوار ميدان ۾ هئا، پر توقع موجب سڀ کان سخت مقابلو حڪمران اتحاد جي حمايت يافته پيپلز پارٽي جي اميدوار علي قاسم گيلاني ۽ سُني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار تيمور الطاف جي وچ ۾ هو. پ پ اميدوار علي قاسم گيلاني 78  هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار تيمور الطاف 48 هزار ووٽ کڻي سگهيو.   ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ تيمور الطاف ملڪ کي شڪست ڏني هئي پر سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ کانپوءِ يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.