تهران ( م ڊ ) ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.رپورٽ مطابق ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر سان ايران جي اوڀر آذربائيجان صوبي جي علائقي جلفا ۾ حادثو پيش آيو آهي، خراب موسم سبب امدادي ٽيمن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان حادثي جي تصديق ايران جي گهرو وزير احمد وحيدي ڪئي آهي. ايران جي گهرو وزير احمد وحيدي ايران جي سرڪاري ٽي وي چينل کي ٻڌايو ته "ڪيترائي امدادي ٽيمون” هيلي ڪاپٽر جي ڳولا ڪري رهيون آهن ۽ "حادثي واري جاءِ تي پهچڻ ۾ وقت لڳندو” ڇاڪاڻ ته "علائقي ۾ ڪوهيڙو ۽ خراب موسم آهي، جنهن سبب امدادي ٽيمن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته صورتحال قابو ۾ آهي ۽ امدادي ٽيمون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن. اسان کي اميد آهي ته جلد کان جلد ريسڪيو عمل کي مڪمل ڪيو ويندو. ايراني صدر گذريل ڏينهن اوڀر آذربائيجان صوبي جو دورو ڪيو، جتي هن آذربائيجان جي صدر سان گڏ ايران ۽ آذربائيجان جي سرحد تي هڪ ڊيم جو افتتاح ڪيو. خبرن جي ايجنسي موجب ايراني صدر ايراني صوبي اوڀر آذربائيجان ۾ ايران ۽ آذربائيجان جي سرحدي علائقي ۾ هڪ ڊيم جو افتتاح ڪري واپس اچي رهيو هو. ڊيم جي افتتاح جي موقعي تي آذربائيجان جو صدر الهام عليوف به موجود هو. مقامي ميڊيا موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن صدر ابراهيم رئيسي جو هوائي قافلو ايران جي شهر تبريز وڃي رهيو هو. جنهن هنڌ اهو حادثو پيش آيو، اهو شهر تبريز شهر کان 50 ڪلوميٽر اتر ۾ واقع آهي. ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو تباهه ٿيل هيلي ڪاپٽر ملي ويو آهي، جڏهن ته ايراني هلال احمر ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو هيلي ڪاپٽر سخت ڪوهيڙي سبب جبل واري علائقي ۾ حادثو پيش آيو. سرڪاري ميڊيا موجب پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان، اوڀر آذربائيجان جو گورنر ملڪ رحمتي ۽ صوبي ۾ ايراني صدر جو نمائندو آيت الله محمد علي به هيلي ڪاپٽر ۾ سوار هئا. سرڪاري ميڊيا موجب پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان، اوڀر آذربائيجان جو گورنر ملڪ رحمتي ۽ صوبي ۾ ايراني صدر جو نمائندو آيت الله محمد علي به هيلي ڪاپٽر ۾ سوار هئا. هوڏانهن ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر سان پيش آيل حادثي بعد آيت الله خامنه جي صدارت هيٺ ايراني سپريم ڪونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون . هوڏانهن ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر حادثي تي صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جا بيان سامهون آيا آهن. صد آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي هيلي ڪاپٽر بابت خبرن تي کيس تمام گهڻي ڳڻتي آهي. هن چيو ته هو صدر رئيسي جي صحتيابي ۽ سلامتي لاءِ دعاگو آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي بابت ڏک جي خبر ٻڌي آهي ، وزيراعظم چيو ته هو بيچيني سان خوشخبري جو انتظار ڪري رهيا آهن ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جون نيڪ خواهشون ايراني صدر ۽ قوم سان آهن.