بلوچ سيمينار وقت ڪوئيٽا پريس ڪلب جي بندش صحافت تي وارقرار

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان يونين آف جرنلسٽس ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل سيمينار جي موقعي تي انتظاميا پاران ڪوئيٽا پريس ڪلب جي مبينا تالا بندي ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان عمل کي صحافت جي آزادي تي حملو قرار ڏنو آهي. ۽ ان کي آئين جي آرٽيڪل 19 جي واضح خلاف ورزي قرار ڏنو ويو. ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ ڇنڇر ڏينهن بلوچ يونٽي ڪميٽي پاران گوادر ۾ باڙ  لڳائڻ جي مبينا قدم جي حوالي سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو موضوع هو، ”گوادر جو بار ميگا پراجيڪٽ کان ميگا جيل تائين“.ان موقعي تي انتظاميا نه رڳو ڪوئيٽا پريس ڪلب کي بند ڪري ڇڏيو پر ان جي احاطي ۽ داخل ٿيڻ وارن رستن تي پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جاري ڪيل بيان ۾ مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي. پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري بنارس خان جو چوڻ آهي ته اختيارين پريس ڪلب جي انتظاميا تي دٻاءُ وڌو ته هو بلوچ سوليڊرٽي ڪميٽي کي سيمينار ڪرڻ جي اجازت نه ڏين، جنهن تي پريس ڪلب انتظاميا چيو ته هو ڪنهن کي به منع نٿا ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.