ملڪ خاطر آرمي چيف کي خط لکندس: عمران خان

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي  باني ۽ ملڪ جي اڳوڻي  وزيراعظم چيو آهي ته هو ذاتي سببن جي ڪري نه پر ملڪ لاءِ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي خط لکندو،عمران خان  وڌيڪ چيو ته آرمي چيف کي ٻڌائيندو ته آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اسان کي ملڪ بابت سوچڻ گهرجي، فوج ۽ عوام کي آمهون سامهون نه اچڻ گهرجي. ذريعن موجب راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن فارم 47 جو فائدو کڻندڙن کان سوال ڪيو وڃي ٿو ته اهي ججز ۽ ميڊيا تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪري ڇڏين ٿاهن چيو ته صدر، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ پنجاب ڪوڙ تي ويٺا آهن، فارم 47 جو بينيفشري گورنر خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور تي ذاتي حملا ڪري رهيو آهي، فارم 47 جا بينيفشري ئي جسٽس بابر ستار تي لفظي حملا ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت سڀ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هٿرادو جمهوريت کي هلائي سگهجي،عمران خان چيو ته اسان ايجنسين جي دٻاءَ کان بچڻ لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون حڪومتون ٽوڙي ڇڏيون، نگران وزيراعظم جي بيان کانپوءِ هن حڪومت وٽ ڪهڙو جواز آهي؟ ڪاڪڙ حنيف عباسي کي طعنو ڏئي شهباز شريف کي پيغام موڪليو،هن چيو ته چيف جسٽس هڪ دبنگ ماڻهو آهي، بلوچستان ۾ ڪنٽرولڊ حڪومت ٺاهي وئي، جنهن سان آزادي جي تحريڪ وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي، اسان جو اهو سوال آهي ته اسان جي 9 مئي ۽ 8 فيبروري جي حوالي سان پٽينشننز کي ڇو نه پيو ٻڌو وڃي؟ اسان جو ٽرائل به نواز شريف ۽ آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني جيان هلايو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ منهنجي پيشي کي لائيو نه ڏيکاريو ويو,هن چيو ته آئون سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي تي ڳالهائڻ جو منتظر آهيان. اميد آهي ته ايندڙ پيشي نشر ڪئي ويندي. هن چيو ته پرويز الاهي ۽ شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪندا ته جيل جا در کلي ويندا، انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪريون جن وٽ پاور ئي ناهي،هن وڌيڪ چيو ته جج ابوالحسنات ۽ جج قدرت الله خلاف بدانتظامي تي ريفرنس داخل ڪرڻ جو چيو ويو آهي

  1. ٽيريان ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، پي ٽي آءِ پاران خدشن جو اظهار

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف ٽريان ڪيس جي هڪ سال کانپوءِ  نئين ٻڌڻي لاءِ مقرري تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪيس کي نئين ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ پي ٽي آءِ جي باني کي ناحق جيل ۾ رکڻ جو منصوبو آهي. توشا خانا، سائفر ۽ القادر ٽرسٽ کانپوءِ هڪ ٻيو ڪيس داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. ججن تي دٻاءُ جي انڪشاف کانپوءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو ڪو به قانوني ۽ اخلاقي جواز ناهي.  پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته عدت ۽ ٽيريان جهڙن ڪيسن جو داخل ٿيڻ اخلاقي پستي جي نشاني آهي، ٽيريان ڪيس جو مدعي اڃا تائين نامعلوم ناهي، رياستي وڪيلن کي خاص سرپرستي حاصل آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته نئين بينچ ٺاهڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ جي باني خلاف سندن تعصب پڌرو ٿي ويو آهي.

  1. ڪرغستان ۾ ٿيل وڳوڙن سبب سنڌ واسي به ڪيترائي شاگرد ڦاٿل

پنوعاقل (ن ع آ ) ڪرغستان ۾ حالتون خراب، ڏڦيڙ ۽ ڀڃ ڊاهه، ڪيترن ئي پاڪستانين  سميت پني عاقل جا 4 شاگرد به ڦاٿل،  ڪرغستان جي سموري ملڪ ۾ تشدد جي لهر،پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام، بيشڪڪ شهر ۾ ميٽروپوليٽن ميڊيڪل يونيورسٽي، آء ايڇ ايم ايس يونيورسٽي،روئيل ميڊيڪل يونيورسٽي جا ڪيترائي پاڪستاني شهري ڦاٿل آھي پني عاقل واسي ڊاڪٽر شايان سميجو،اسامه،ماجد ڪورائي سميت 4 شاگرد به ڦاٿل آھن جن ويڊيو بيان ذريعي پيغام ڏياريو آهي ته ڪرغستاني هر ماڻهو تي تشدد ڪن پيا، هاسٽلز ۾ ڦاٿا ويٺا آهيون،پاسپورٽ به واپس ورتا ويا آهن، پاڪستاني حڪومت کان مطالبو آهي ته اسانکي هتان ڪڍي پنهنجي ملڪ آندو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.