عدليه اسٽيبلشمينٽ ڇڪتاڻ: زرداري رستو ڪڍي سگهي ٿو؟

لاهور(معظم فخر) عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جهيڙي ۾ جمهوريت کي خطرا پيدا ٿي ويا آهن،ن ليگ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم شهبازشريف صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري بحراني صورتحال تي صلاح  مشورا ڪندو ۽ هن کان تجويزون به طلب ڪندو،ممڪن ٿي سگهي ته ايوان صدر ان بحران مان نڪرڻ لاءِ ڪو رستو به ڪڍي ڇڏي،وزيراعظم ان حوالي سان صدر مملڪت ڏانهن سمري به موڪليندو ۽ کيس درخواست ڪئي ويندي ته ان ڊيڊلاڪ جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري،ن ليگ جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،ن ليگ سمجهي ٿي ته موجوده صورتحال جو آئوٽ آف باڪس حل ڪڍيو وڃي،صدر زرداري ان حوالي سان ڪو وچيون رستو ڪڍي سگهي ٿو،مملڪت جو سربراهه ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر هئڻ جي حيثيت ۾ صدر زرداري ٽنهي فوجن جي سربراهن، چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم،سمورين هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز کي ملاقات جي دعوت ڏئي سگهي ٿو،ذريعن موجب ان ڊيڊلاڪ ۾ حڪومت پنهنجو وزن اسٽيبلشمينٽ جي جهولي ۾ وجهي ٿي ته پوءِ نوازشريف تمام گهڻو اڳتي وڌي ويندو،هو چاهي ٿو ته عدليه ميرٽ تي فيصلا ڪري،

  1. ”طاقت ورن“ عدليه خلاف پريس ڪانفرنسن جو ٽاسڪ ڏنو؟

اسلام آباد(اعزاز سيد)”نامعلوم“ ماڻهن پاران ملاقاتون ڪري ۽ فون ڪري سياستدانن کي چيو ويو ته عدليه خلاف پريس ڪانفرنسون  ڪريو،هڪ اطلاع اهو به آهي ته ڪجهه ناليوارن سياستدانن جي گڏيل پريس ڪانفرنس جو به پروگرام رٿيو ويو هو،جنهن ۾ عدليه جي ڪجهه ججن کي نشانو بڻائڻ مقصد هو،پلاننگ اها هئي ته مصطفيٰ ڪمال ۽ فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس کان ٻئي ڏينهن بعد پريس ڪانفرنس ڪرڻي آهي،سپريم ڪورٽ جي پاڻ مرادي نوٽيس کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته اهي پريس ڪانفرنسون نه ٿين، انهن پريس ڪانفرنسن ۾ اهو چيو ويندو ته عدليه رڳو سياستدانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻائي رهي آهي ۽ خود ان جو ” هائوس ان آرڊر“ ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.