ڪراچي (ذوالفقار راڄپر)کاٻي ڌر جي ڳواڻن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ملڪ ۾ اسٽبلشمينٽ جي سياسي ڌرين کان عوامي نجات ۽ ملڪ ۾ اقتصادي، سماجي انصاف، عوامي جمهوري نظام جي قيام لاءِ ملڪي سطح تي مضبوط کاٻي ڌر پارٽي جوڙڻ لاءِ سمورن ترقي پسندن کي هڪ وڏي پارٽي ۾ منظم ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي، مختيار باچا جي زندگي ۽ جدوجهد جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ نئين نسل تائين هن جي ڪم ۽ شخصيت جي اثر کي ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، نئين نسل ۾ هزارن جي تعداد ۾ ترقي پسند نسل پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها ڳالهه عوامي حقوق طرفان خيبر پختون خواهه ( ڪي پي ڪي ) ۽ ملڪ جي نامياري ترقي پسند ڪميونسٽ ۽ نيشنلسٽ پارٽي ڪي پي ڪي وحدت ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي۾ چئي وئي. ان موقعي تي مختيار باچا جي ويجهي عزيز ۽ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ محمد ڪامران خان باچا ڳالهائيندي چيو ته ڪامريڊ مختيار هڪ سياسي استاد هو، هن جي سوچ مظلوم طبقن کي پاڻ ۾ جوڙڻ هو، هو بيماري جي بستري ۽ وينٽيليٽر تي هئڻ جي باوجود منهن تان ماسڪ لاهي سياسي ۽ تنظيمي مسئلن تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پنجاب کان آيل ڪامريڊ نديم خالد چيو ته ملڪ جي کاٻي ڌر کي ڪمزور ڪرڻ ۾ رياست سان گڏ خود اسان جو به ڪردار رهيو هو، اسان پنهنجي قوت کان وڌيڪ نعرا هنيا ۽ هڪ ٻئي تي سامراج جي ايجنٽ هجڻ جا الزام هنيا، سوويت يونين جي خاتمي ۽ افغان سوشلسٽ انقلاب خلاف ڪيل حملن ڪامريڊ مختيار باچا جا ٻين وانگر حوصلا ڪمزور نه ڪيا ۽ هو مرڻ گهڙي تائين عوامي انقلاب جي جدوجهد ۾ مصروف رهيو، روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ۽ اڳوڻي ترقي پسند شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته ڪامريڊ مختيار باچا هڪ اصول پسند ڪميونسٽ به هو پر هو بدليل حالتن تحت پنهنجي حڪمت عملين ۽ اصولن ۾ لچڪ به پيدا ڪندو هو، هن مون کي انقلابي شاگرد جماعت ڊي ايس ايف جوڙڻ جي به ذميواري سونپي هئي، هن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ جي زندگي ۽ جدوجهد جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ نئين نسل تائين هن جي ڪم ۽ شخصيت جي اثر کي ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسان جو تعداد سون مان هزارن ۾ تبديل ٿي سگهي، ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته ڪامريڊ مختيار باچا سخت حالتن ۾ انقلابي ڪم ڪندو هو، هن جي اصليت جي باري ۾ اڪثر عام ڪامريڊ بي خبر هوندا هئا ،خود مون کي 10 سالن تائين سندس اصلي نالي جي خبر نه هئي ۽ سندس سياسي ذهانت هئڻ ڪري هو ان ڳالهه کان باخبر هو ته افغان انقلاب خلاف طالبان ڪامياب ٿي ويندا، سينئر صحافي ۽ اڳوڻي ڪميونسٽ اڳواڻ سهيل سانگي چيو ته ڪامريڊ مختيار باچا ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڌڙا بندي به پيدا ڪئي ۽ هو آخر تائين مارڪسٽ رهيو، ڪامريڊ تاج مري چيو ته هو ملڪ ۾ ننڍڙين ننڍڙين کاٻي ڌر جي پارٽين کي وڏي عوامي پارٽي ۾ ضم ڪرڻ جو خواهشند هو ۽ اسان هن جي هدايت تي پنهنجي پارٽي کي نيشنل پارٽي ۾ضم ڪيو،جنهن وسيلي اسٽيبلشمينٽ جي جوڙيل اقتدار پسند پارٽين جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو ۽ پنجاب ۾ ووٽ عمران کي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت کي مليو آهي، ڇو ته ملڪ جي سڀني مسئلن جي جڙ جرنيلن جي سياست ڪرڻ ۾ آهي،شهيد نذير عباسي جي بيواهه ۽ روزاني عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو چيو ته ڪامريڊ مختيار باچا ڪميونسٽ پارٽي خلاف سختين ۽ شهيد نذير عباسي جي روپوشي جي ڏينهن ۾ به اسان سان گڏ رهندو هو، هن جي شخصيت ۽ جدوجهد کي ڏسندي هو چئي سگهجي ٿو ڪميونسٽ نظريو ختم نه ٿيو آهي، هن جي وڇوڙي جي ڏک سان گڏ فخر به آهي، ڪامريڊ رمضان ميمڻ چيو ته هو بيماري جي باوجود نظرياتي ڪم ۾ مصروف هو ۽ هو خوشنصيب آهي ته هن جا ٻار هن جي رستي تي هلي رهيا آهن، ملڪ جون حالتون تنگ آهن، جرنيلن ڀارت دشمني ۾ ملڪ کي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،ايوب ملڪ چيو ته مختيار باچا روايتي عقيدتمند مارڪسي اڳواڻ نه هو ، پنجاب کي جيڪو ترقي پسند سياست لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها اهو ڪم نه ٿي سگهيو، هاڻي به پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ اهڙن ماڻهن کي به چونڊن ۾ کٽرايو آهي ، جن کي 10 ماڻهو به نه ٿا سڃاڻن. ان موقعي تي عبدالخالق زردان، شاهينه ميمڻ، حسين فاطمي، روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مهر ۽ ٻين به خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ مختيار باچا رڳو پشاور شهر جو نه پر سموري ملڪ جي ترقي پسند جدوجهد جي قافلي جو اهم رڪن هو، جنهن ملڪ ۾ کاٻي ڌر جي هڪ پارٽي جوڙڻ جو جيڪو خواب ڏٺو هو، ان جي تعبير هن جي زندگيءَ ۾ ئي پورو ٿيو.