لاهور(بيورو) مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شریف سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڏا انڪشاف ڪندي چيو آهي ته لنڊن پلان ن ليگ خلاف تيار ڪيو ويو، مون وٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو آڊيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته نواز شريف کي هٽايو وڃي ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي آندو وڃي. ان کانسواءِ هن چيو ته مون کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ جو فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌ کان آيو آهي، جسٽس مظهر نقوي ملڪيتون ٺاهيون آهن، سندس خلاف به ڪيس ٿيڻ گهرجي، اسان احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي. لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نواز شريف کي پارٽي صدارت لاءِ نامزد ڪيو ويو. اليڪشن ڪمشنر راڻا ثناءُ الله جي صدارت هيٺ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شهباز شريف صدارتي چونڊ تائين وقتي صدر رهندو. اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته 1993ع ۾ اسان جي حڪومت ڇو تختو ڇو اونڌو ڪيو ويو؟ اڄ تائين سبب سمجهه ۾ ناهي آيو. نوازشريف چيو ته اعجاز الحسن کي مانيٽرنگ جج مقرر ڪيو ويو، مان ۽ مريم نيب ۾ 150 پيشيون برداشت ڪيون، توهان کي به نيب کي ڀوڳڻ گهرجي، اسان به نيب کي بغير ڪنهن سبب جي برداشت ڪيو، اسان کان حڪومت کسي وئي هئي، جسٽس مظهر نقوي ملڪيتون ٺاهيون،ان تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. اسان احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي. نواز شريف چيو ته 5 ارب ڊالرن جي آڇ باوجود هن ايٽمي ڌماڪو ڪيو، ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي مونکي ڪڍيو ويو. صبح جو وزير اعظم ۽ رات جو هاءِ جيڪر ٿي ويس، ڪوڙي ڪيس ۾ مون کي 27 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، هنن مون کي موت جي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي 7 سال جلاوطن ڪيو ويو. عمران خان لنڊن مان اچي ڌرڻو شروع ڪيو. نواز شريف چيو ته هڪ ماڻهو 35 پنڪچرن جي رٽ لڳائيندو رهيو. هو اقتدار سنڀالي سڀ کان پهريان بني گالا ويو هو، هن 15 ڏينهن ۾ بني گالا جو روڊ ٺهرايو. هن چيو ته عمران خان لنڊن مان اچي ڌرڻو شروع ڪيو، مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هن کي سگنل ڪٿان مليو هو. ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مون سان مليو ۽ مونکي سهڪار لاءِ چيو پر ملڪ موٽي اچي ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترن جو ماڻهن جو خيال هو ته مٿن لٺ بازي ٿيڻ گهرجي، مون منع ڪئي هئي. ڌرڻي سبب چيني صدر جو دورو ملتوي ٿي ويو، پوءِ چيني صدر پاڪستان اچي سي پيڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون، چيني صدر سي پيڪ جو تحفو ڏنو. نواز شريف چيو ته اسان پي ٽي آءِ کي خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو. مونکي پگهار نه وٺڻ تي حڪومت مان ڪڍي سڄي زندگي لاءِ نااهل ڪيو ويو، مونکي پارٽي صدارت تان هٽائڻ جو فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌان آيو. نيب کي مون خلاف ڪوڙي ڪيس جو فيصلو 6 مهينن ۾ ڪرڻ جو چيو ويو. هن چيو ته جن ڪمن ملڪ کي تباهه ڪيو، انهن جو احتساب ڇو نه ٿيڻ گهرجي؟ انهن ججز جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، جن آهي فيصلا ڪيا. ن ليگ جي صدر دعويٰ ڪئي ته مون وٽ ثاقب نثار جو آڊيو به آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته مون کي ۽ مريم نواز کي جيل ۾ رکيو وڃي ۽ عمران خان کي آندو وڃي. هن چيو ته مونکي قوم سان ڪجهه شڪايتون آهن، هڪ وزير اعظم کي ڪوڙو ڪيس ۾ نااهل ڪيو ويو ۽ قوم خاموش رهي، اها به ڪا ڳالهه ناهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ منهنجي لاءِ وڏي اطمينان جو ڏينهن آهي ته اها امانت نواز شريف جي قدمن ۾ نڇاور ڪريان ٿو. پارٽي جي صدارت جي مليل ذميواري سڀني جي سهڪار سان نڀائي. شهباز شريف چيو ته 2018ع ۾ جيڪو ٿيو، اهو پهريون ڀيرو نه ٿيو هو، نواز شريف سان ظلم ڪيو ويو. 1999ع ۾ نواز شريف کي هٿڪڙيون لڳايون ويون. اسان سان جيڪو ٿيو اهو تاريخ جو حصو آهي، نواز شريف سمورن ظلمن کي منهن ڏنو، نواز شريف مسلم ليگ ن کي گهر ۾ متعارف ڪرايو. شهباز شريف چيو ته آڇ باوجود نواز شريف ايٽمي ڌماڪو ڪيو، ايٽمي ڌماڪو ملڪ جي عظيم مفاد ۾ ڪيو ويو. نواز شريف ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪئي، ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان کي پنهنجن پراڻن ساٿين کي نه ڇڏڻ گهرجي. مان ورڪر بڻجي شريف سان گڏجي ڪم ڪندس.