فوجي آفيسر تي ايف آءِ آر ڪٽڻ جي ڏوهه ۾ پوليس آفيسر کي ٽي سال قيد جي سزا؟

اسلام آباد (اسد طور) اسلام آباد جي پوليس ڊپارٽمينٽ جي اي ايس آءِ ظھور جي ڪيس ۾ کيس بنا ڪنھن ڏوھ ۽ ثبوت جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آھي. واقعي جا تفصيل سامھون آيا ته اي ايس آءِ ظھور اسلام آباد جي فحاشي اڏي تي چڙهائي ڪئي ھئي جنھن ۾ ڳجهي اداري جو   ميجر به شامل ھو، جنھن خلاف ايف آءِ آر ڪٽڻ جي ڏوھ ۾ اي ايس آءِ ظھور کي ڳجھن ادارن پاران کنڀيو ويو، کيس تشدد جو نشانو بڻائي ملڪي سلامتي خلاف ڪم ڪرڻ جو ڪوڙو الزام ھنيو ويو. اي ايس آءِ ظھور خلاف ڪڏھن به ڪرپشن يا ڪنھن ڏوھ جو ماضي ناھي. پوليس ڊپارٽمينٽ ۽ سندس ساٿي پوليس آفيسر به ھن سان گڏ بيٺا آھن پر مٿس ڪوڙا الزام ھڻي کيس ٽي سال جيل موڪلڻ جو حڪم جاري  ڪيو ويو ،واضح رهي ته 2021ع ۾ ايف آءِ اي جي دهشت گردي ٽوڙ ونگ غيرملڪي سفارتڪار سان حساس معلومات جي ڏي وٺ ڪرڻ جي الزام ۾ اي ايس آءِ کي گرفتار ڪيو هو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.