عدليا ۽ پارليامينٽ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ

تحرير: نصرت جاويد

عدليا  ۽ رياست جي طاقتور ترين اداري جي وچ ۾ تلخيون ۽ بي اعتماديون شديد کان شديد تر ٿي رهيون آهن. انھن لاڳاپن کي، مون جھڙو معمولي رپورٽر ئي نھ بلڪھ پاڪستان جي ھر حوالي سان بي اختيار عوام جي اڪثريت عوام جي لاءِ معول تي آڻڻ  ممڪن نھ آھي. ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته جديد رياستن جا رهاڪو ”شهري“ چيو سڏبا آھن، انهن جا ڪجهھ بنيادي حق هوندا آهن. انهن جو تحفظ رياست جو اولين فرض آهي.اھا فرض  نڀائڻ ۾ ناڪام رھي  ته عدليا  انھن جا ڪن مھٽي ٿي.

مڪمل سياسي جدوجھد جي بدولت قائم ٿيل پاڪستان کي سامراج کان ”آزادي“ ملڻ جي فقط چئن سالن بعد بيورو ڪريسي مان اٿيل گورنر جنرل غلام محمد اھا اسيمبليءَ معطل ڪري ڇڏي، جنهن کي آزاد ٿيل ملڪ جو آئين ٺاهڻو هو. آئين ساز اسيمبلي جي معطلي خلاف ان ايوان جي اسپيڪر مولوي تميز الدين کي برقعي ۾ لڪي ڪري عدالت  سان رجوع ڪرڻو پيو. ”ننڍي عدالت“ داد رسي فراھم ڪري ڇڏي تھ معاملو ”وڏي“ عدالت تائين پھتو. اتي موجود جسٽس منير  ”نظريھ ضرورت“ دريافت ڪيو. انهيءَ نظريي جي ايجاد ۽ استعمال  اسان کي جنرل ايوب کانپوءِ يحيٰ، ضياءَ ۽ مشرف جي مارشل لائون  ڏنيون. انھن جي آندل  ”انقلاب“ کي عدالتن هر ڀيري ”جائز ۽ واجب“ قرار ڏنو.جسٽس منير جي دريافت ڪيل نظرئي ضرورت  تي انھن فيصلن جو بنياد رکيو ويو. قصو مختصر  اسان جي عدالتن شھري حقن جي نگھباني جي بدران پنھنجي تاريخ ۾ اڪثر”گھوڙي سوارن” جي طرفان کنيل قدمن کي ھميشھ جائز ۽ واجب  قرار ڏنو آهي.ائين ڪندي اسان جي اجتماعي لاشعور  ۾ موجود  ان حقيقت کي جٽا ڏنو ويو تھ ”رب“ کان ”مڪو“ وڌيڪ ويجھو آھي.”جيڪو ڏاڍو سو گابو“

اپريل 2007ع ۾ جڏھن ”عوامي ريفرينڊم“ جي ذريعي وطن عزيز جي ”صدر“ چونڊجڻ واري جنرل مشرف، اقتدار ۾ اٺ سال گذاري ورتا، تھ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار چوڌري سان  ان جو ٽڪراءُ ٿي ويو. شهر ۾ ڪھاڻي  پکڙجي وئي ته افتخار چوڌري کي ايوان صدر  ۾طلب ڪري، ڪجهه دستاويز ڏيکاريا ويا.جيڪي  انهن ڏينهن جي چيف جسٽس کي بدعنوان قرار ڏئي رھيا ھئا. مبينا دستاويز ڏيکارڻ کانپوءِ کيس پنهنجي جان بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو. ان شخص انڪار ڪري ڇڏيو  ۽ اهڙي طرح عدليا  جي بحالي واري تحريڪ شروع ٿي وئي.ان جي قيادت ۾ شامل ٿيندڙ منهنجي مهربان دوست اعتزاز احسن، ”رياست ھوندي ماءُ جهڙي “ جي اميد ڏياري. پشاور کان ڪراچي تائين ماڻهو گهرن مان نڪري افتخار چوڌري جو پنھنجي شهر ۾ اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. جڏهن معاملو حد کان وڌيو ته جنرل مشرف 3 نومبر تي ايمرجنسي پلس لاڳو ڪري، سپريم ڪورٽ جي ڪيترن ئي ججن کي گهرن ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. وڪيل قيادت سان به اھڙو ئي رويو  اختيار ڪيو ويو. ان سان گڏ، چونڊن جون تياريون به شروع ٿي ويون. عوام جي اڪثريت عدليا  جي بحالي واري تحريڪ کي وساري چونڊ مهم جو مزو وٺڻ شروع ڪيو. ڪنهن کي ياد ئي نه رهيو ته افتخار چوڌري ڪهڙي حال ۾ آھي.

نظربند ججن کان علاوه مون جهڙا صحافي جيڪي رياست کي ماءُ وانگر ڏسڻ جا خواهشمند هئا، ٽي وي اسڪرين تان غائب ٿي ويا. اسان  فوٽ پاٿن تي ماڻھن جا ميڙ گڏ ڪري ڪشتا وڪڻندڙ عطارن جيان ڪنھن وقت ۾ٽي وي تي ھلندڙ  ”ٽاڪ شوز“ ڇاٻين جيان لڳائڻ لڳاسين. ان وچ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو بي وقتو  قتل ٿيو.اسان جي ڳڻتي وڌي وئي.فڪر اھو ٿيو تھ محترمھ جي شھادت کانپوءِ ملڪ بچايو وڃي ۽ ان لاءِ لازمي ھو تھ چونڊون ٿين ۽ ھڪ جمھوري حڪومت قائم ٿئي.

چونڊون ٿي ويون ته وزيراعظم چونڊجندي ئي يوسف رضا گيلاني عهدي جي حلف کڻڻ کان اڳ نظربند ججن جي آزادي جو حڪم ڏنو.انھيءَ ئي وزيراعظم کي وري بعد ۾ افتخار چوڌري سوئس حڪومت کي خط نه لکڻ جي ”ڏوهه“  ۾توهين عدالت جو ڏوهاري قرار ڏيندي، وز ارت اعظميٰ تان برطرف ڪري ڇڏيو. نواز شريف ججن جي عقيدت ۾ مبتلا ھڪ ٻيو  سياستدان هو، هن افتخار چوڌري ۽ سندس ساٿين جي بحالي جي لاءِ لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو. اھو اڃان گوجرانوالا پهتو ته انهن ڏينهن جي آرمي چيف ،چوڌري اعتزاز احسن کي فون تي يقين ڏياريو ته افتخار چوڌري کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي. بحال ٿيڻ بعد چوڌري صاحب رياست کي ”ماءُ جهڙو“ بڻائي نه سگهيو.

رٽائرمينٽ جي ڪجهه مهينن کانپوءِ چيف جسٽس جي عهدي تي ويٺل ثاقب نثار کي به ”سماج سڌار“ جو جنون لڳو. ڪرپشن خلاف جهاد برپا ڪندي ثاقب نثار ۽ سندس ساٿين، افتخار چوڌري جي بحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ نوازشريف کي ”ڪوڙو ۽ غدار“ سڏيندي  چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ  لاءِ سموري حياتي لاءِ نااهل قرار ڏنو. عدالتن خود پڻ  ازخود اختيار جي بدولت  اهڙا ڪيترائي سوال اٿاريا، جن سان  عوام جي اڪثريت کي اهو پيغام ڏنو ته اسان جا سياستدان عام طور تي نااهل ۽ ڪرپٽ آهن، اھي ڪوڙين ڊگرين وارا آهن. سياستدانن کان سواءِ، انهن  اشرافيه جي ڪنھن ٻئي طبقي کي ”عبرت جي نشان“ بنائڻ جي زحمت نه ڪئي.

عدليا  جي آزادي جيڪڏھن واقعي گهربل هئي ته پوءِ پنھنجي منصب تي بحال ٿيندي ئي  افتخار چوڌري کي  جنرل مشرف پاران لاڳو ڪيل ”ايمرجنسي پلس“  جو حساب ڪرڻ گھرجي ھا، پر ان لاءِ هو، نواز سريف جي حڪومت کي ڀڙڪائيندو رهيو. نواز  شريف حڪومت ان لاءِ تيار ٿي ته عمران خان 14 آگسٽ 2014ع تي ڌرڻو هنيو ۽ اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ پنهنجي مداحن جي وڏي انگ کي گڏ ڪري پارليامينٽ جي سامهون ٿي بيٺو. جنرل مشرف ”بيماري“ سبب عدالت ۾ اٿاريل امڪاني سوالن جا جواب ڏيڻ جي قابل نھ رھيو. بعد ۾ دبئي ۽ ان بعد لنڊن هليو ويو. سندس غير موجودگيءَ ۾ جيڪي سزائون ڏنيون ويون، اھي عدالتن ھٿان ناڪارھ  ئي قرار ڏنيون ويون.

عدليا  جي بحالي واري تحريڪ جي ويجهي کان مشاھدي ۽ ان جي ڪري ڇھن مھينن تائين بيروزگار ٿيڻ ۽ ميڊيا جي لاءِ  پابندي مڙھيل رھڻ بعد مون ۾ ھمٿ نھ رھي تھ اهو فيصلو ڪري سگھان ته عدليا  ۽ رياست جي طاقتور ترين اداري جي وچ ۾ ھن وقت جيڪو جھيڙو ھلي رھيو آھي.ان جو جائزو وٺان ۽ انهن مان هڪ کي "حق” تي بيٺل سڏيان.عمران خان جي حڪومت ۾ به چئن سالن تائين ڪنهن به ٽي وي ويھڻ جي اجازت نه هئي. مان ڪو اهڙو فورم ڳولڻ ۾ ناڪام ٿيس ،جيڪو مون کي ٻڌائي سگھي ھا ته ڪهڙي ڏوهه تحت مون کي ٽي وي اسڪرين لاءِ نا مناسب سمجهيو ويو. هڪ عام پاڪستاني وانگر، مان به ان حق کان محروم آهيان، جيڪو جديد رياست جي شهرين لاءِ ”بنيادي“ سمجهيو وڃي ٿو. ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ته خاموشيءَ سان انهن ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي تماشي جي صورت سمجھي  ڏسبو. ان جي پڄاڻي تي جيڪو بھ کٽيو، مان ان تي تاڙيون وڄائي واکاڻ ڪرڻ جو فرض ادا ڪندس.

 

 

عدليا  ۽ رياست جي طاقتور ترين اداري جي وچ ۾ ھن وقت جيڪو جھيڙو ھلي رھيو آھي.ان جو جائزو وٺان ۽ انهن مان هڪ کي "حق” تي بيٺل سڏيان.عمران خان جي حڪومت ۾ به چئن سالن تائين ڪنهن به ٽي وي ويھڻ جي اجازت نه هئي. مان ڪو اهڙو فورم ڳولڻ ۾ ناڪام ٿيس ،جيڪو مون کي ٻڌائي سگھي ھا ته ڪهڙي ڏوهه تحت مون کي ٽي وي اسڪرين لاءِ نا مناسب سمجهيو ويو. هڪ عام پاڪستاني وانگر، مان به ان حق کان محروم آهيان، جيڪو جديد رياست جي شهرين لاءِ ”بنيادي“ سمجهيو وڃي ٿو. ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ته خاموشيءَ سان انهن ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي تماشي جي صورت سمجھي  ڏسبو. ان جي پڄاڻي تي جيڪو بھ کٽيو، مان ان تي تاڙيون وڄائي واکاڻ ڪرڻ جو فرض ادا ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.