”آزاد صحافت“ جي عالمي ڏينهن “ جي حوالي سان ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي عبدالحق ڪيمپس جي شعبي ماس ڪميونيڪيشن جي زيراهتمام خاص سيمينار ڪيو ويو. جنهن کي ملڪ جي ناميارن صحافين، شعبي صحافت جي استادن ۽ دانشورن خطاب ڪيو ۽ دنيا ۾ آزاد صحافت جي ٿيندڙ واڌ ويجهه ۽ ادارن ۽ سماج ۾ موجود معاشري جي بدعنوان ڌرين ۽ ڏوهاري ذهينت طرفان ٿيندڙ ڪارروائين ۽ هر ملڪ ۽ معاشري ۾ صحافتي آزادين، آزاد صحافت جي قومي اهميت ۽ ضرورت سميت صحافين ۽ صحافتي ادارن جي پنهنجن قومي ادارن جي زبون حالي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۽ پنهنجين قومي ذميوارين بابت فرضن جو پڻ جائزو ورتو ويو. سيمينار کي خطاب ۾ نامياري صحافي اشرف خان پاڪستان ۾ صحافين جي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي صحافت سخت دٻاءُ جو شڪار آهي، بدقسمتي سان پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي سچ ڳالهائڻ آسان ناهي، صحافين ۽ ميڊيا تنظيمن کي رياستي پريشر گروپن جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صحافت سنگين معاشي مسئلن کي به منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت شهرين کي اظهار راءِ جي آزادي ڏني وئي آهي پر مختلف رياستي ۽ شهري ۽ سماجي ادارا پڻ نه صرف انهن قانونن جي ديده دليري سان ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن پر اهي ملڪ ۽ معاشري لاءِ پڻ سخت هاڃيڪار عمل ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي روڪٿام ۽ اصلاح ڪرڻ گهرجي ۽ صحافين ۽ صحافتي ادارن کي اڳتي وڌي پنهنجو پروفيشنل ۽ قومي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ملڪ ۾ هن وقت آزاد صحافت ۾ رڪاوٽن سان گڏ هڪ ٻيو اهم معاملو”ملڪ جي عدالتن جي آزادي جو معاملو“ پڻ اهم بڻيل آهي ۾ ادارن جي مداخلت ۽ سموري عدالتي نظام ۾معزز ججن تي موجود غير قانوني دٻاء ۽ رڪاوٽن وارو معاملو پڻ تمام گهڻو اڀريل آهي . اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 معزز ججن طرفان انهن مٿان پوندڙ غير آئيني ۽ غير قانوني ۽ رياست جي سگهارن شخصن طرفان دٻاءُ ۽ عدالتي ڪمن ۾ مداخلت ڪرڻ وارن معاملن تي مشتمل هڪ اهم خط هن وقت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ موجود آهي جنهن تي ٻڌڻي ٿي رهي آهي . اميد ته سپريم ڪورٽ ۾ پهتل اهو معاملو يقينن بهترين فيصلن سان حل ٿيندو ۽ اهڙي ريت، صحافت جي آزادي وارو معاملو پڻ صحافين ۽ سماج ۽ ملڪ جي عدالتن جي مدد سان بهتري واري پاسي ويندو ۽ ملڪ ۽ صوبن جي سياسي ۽ سماجي ادارن ۾ لڳاتار جاري ڪرپشن، تباهي ۽ زبون حالي کي پڻ بهتر بنائڻ جا رستا ۽ موقعا پيدا ٿي رهيا آهن ، اميد ته انهن ادارن جي حالت کي بهتر بنائڻ ۾ پڻ سماج جي سڄاڻ ڌرين، صحافين ، قانوندانن ۽ سماج سڌارڪن جي مدد ۽ سهڪار سان سڌارا ايندا ۽ سماج جي سجاڳ ۽ ذميوار ڌرين کي پنهنجي سماج جي بهتري لاءِ اثرائتي نموني ڪم ڪرڻ جا بهترين موقعا ملي سگهندا.دنيا جي هر هڪ ملڪ ۾ آزاد عدالتن ۽ آزاد صحافت ۽ صحافتي آزادين جي نظام کي لاڳو ڪرائڻ ۽ فعال ڪرڻ ۾ مدد مهيا ڪرڻ تمام ضروري عمل هوندو آهي. صحافت جي آزادي جي حوالي سان هن سيمينار ۾ آزاد صحافت جي جمهوريت جي مضبوطي ۽ استحڪام۽ عوام جي چونڊيل نظام کي سگهارو ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا نه ڪرڻ جو سبب صحافين ۽ صحافتي ادارن جي آزادي ۾ رڪاوٽن ۽ انهن جي خلاف مختلف ادارن طرفان ٿيندڙ مداخلت، رڪاوٽن ۽ نامناسب ڪارروائين کي بنيادي طور تي ذميوار قرار ڏنو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ صحافي جمهوريت، جمهوري ادارن جي ترقي، تعمير ۽ واڌ ويجهه ۾ گهڻو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا نه ملڻ ڪري جمهوري ۽ سماجي ادارا پڻ بدحالي ، بدانتظامي ۽ لاقانونيت جو شڪار آهن ۽ هو پنهنجي ملڪ ۽ معاشري ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن.
صحافت جي آزادي بابت سيمينار ۾ تمام اهم معاملن تي ڳالهايو ويو، يونيورسٽي جي شعبي ماس ڪميونيڪيشن جي اڳوڻي چيئرمين، دانشور ۽ تجزيه نگار ڊاڪٽر توصيف احمد خان ملڪ ۾ صحافت کي درپيش صورتحال جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو.هن ان موقعي تي هندستان ۾ شايع ٿيندڙ پهرين اخبار ”هيڪي گزٽ “ کي ان وقت جي انگريز حڪمرانن طرفان قبول نه ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾اخبار کي جبري بندش کي منهن ڏيڻو پيو ۽ پوءِ اخبار جي ايڊيٽر کي هندستان ڇڏڻو پيو. بدقسمتي اها آهي ته پاڪستان ۾ به صحافي ۽ ايڊيٽر اڄ تائين اهڙن حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ايڊيٽرن جي شعبي ۽ صحافين کي اهڙي قسم جي اڻوڻندڙ حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڊاڪٽر توصيف احمد خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي صحافت ۽ صحافين لاءِ ٺاهيل قانونن کي ظالماڻو قرار ڏيندي چيو ته حڪومتن طرفان پابندي مڙهيل قانون ٺاهڻ ۽ شهرين جي اظهار آزادي واري حقن کي تسليم نه ڪرڻ سبب ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم نه ٿي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ صحافين کي اظهار جي مڪمل آزادي ملڻ گهرجي. ان موقعي تي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي صدر ڊاڪٽر مسرور خانم پروگرام جي ميزبان ڊاڪٽر عرفان عزيز، سينيئر استاد سعيد عثماني سميت استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي صحافين، يونيورسٽين، صحافتي ادارن ۽ سماجي جي سڄاڻ ۽ سجاڳ ڌرين سان گڏجي پنهنجن ادارن جي بهتري ۽ صحافت جي آزادي لاءِ گڏجي رٿابندي ڪرڻ ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.
اسانجي ملڪ ۽ صوبن ۾ وفاقي ۽ صوبن جي ادارن سان گڏوگڏ، سماجي ۽ عوامي ادارن جي بهتري لاءِ ”آزاد صحافت ۽ صحافت جي قومي ذميواريون “ بيحد اهميت وارا فرض ۽ معاملا آهن. آزاد صحافت جي ذميوارين ۾ اهي اخلاقي، قانوني ۽ صحافتي فرض اهم آهن جن تي هن سيمينار ۾ ذڪر ڪيو ويو ۽ معاشري جي سمورن آئيني ادارن، سياسي، سماجي ادارن، ساڃاهه وندن، صحافين جي معاشرتي فرضن کي متحد ۽ يڪجا ڪرڻ ۽ پنهنجن سماجي ادارن جي فعاليت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ يقينن تمام گهڻي اهميت وارا معاملا آهن. سرهائي واري ڳالهه ٿيندي ته اسان جي يونيورسٽين، پروفيشنل ادارن، صحافتي ادارن، سينيئر صحافين ۽ سماجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مختلف ساڃهه وندن، سماج سڌارڪن کي پاڻ سان جوڙي پنهنجن ادارن جي بقاء ، سلامتي ۽ بحالي لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. پنهنجي سينيئر صحافين، استادن ۽ صحافي دوستن جي انهي جذبي ۽ فرض شناسي کي جس آهي جيڪي پنهنجن ادارن کي بچائڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جو عزم ڪري رهيا آهن. اميد ته ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجن صحافي دوستن سان گڏجي پنهنجن قومي ادارن جي بهتري لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ جا جيڪي وڌ ۾ وڌ موقعا ملڻ وڃي رهيا آهن ته، انهن مان يقينن ملڪ ۽ قوم کي وڌ ۾ وڌ لاڀ ۽ حاصلات ۾ ضرور اطمينان بخش ۽ قابل فخر ڪاميابيون ملنديون.