اسلام آباد(بيورو)مسلم ليگ ن جي ايم اين اي اسامه سرور،پنجاب اسيمبلي ميمبر بلال يامين ستي ۽ راجا صغير گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي جسٽس بابر ستار تي حملا ڪندي چيو ته هڪ اهڙو جج به آهي جنهن جا شيرين مزاري، اسد طور ۽ ايمان مزاري سان لاڳاپا آهن،جيڪي ڳالهه وڪيل هئا اڄ منصف بڻجي ويا،انهن مان انصاف جي ڪهڙي اميد ڪجي، هڪ جج 9 ڀيرا ڀارت وڃي چڪو آهي، موصوف جي جيڪا آمريڪا ۾ پراپرٽي آهي ان جي مني ٽريل ڏني وڃي، هنن چيو ته هڪ اداري خلاف مهم هلائي پئي وڃي،رات پيٽ ۾ ملاقاتن جو سلسلو هاڻي بند ڪرڻو پوندو، ٻئي پاسي استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري چيو آهي ته ڇا انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي جيڪي ادارن خلاف ڳالهائن ٿا، ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي عدليه ۽ ادارن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ چاهين ٿا؟