نه معافي گهرندس نه پوئتي نه هٽندس: فيصل واوڊا

اسلام آباد( م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته هو نه معافي گهرندو نه پوئتي هٽندو. بيان ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته  جسٽس اطهر من الله کي ثابت ڪرڻو پوندو ته مان پراڪسي آهيان، جج ٻيهر مون تي الزام هنيو آهي، طلال چوڌري،مصطفيٰ ڪمال ،ڪامران ٽيسوري به پريس ڪانفرنسون ڪيون آهن پر رڳو مون کي ئي عدالت ۾ گهرايو ويو آهي منهنجي لاءِ خوش آئند ڳالهه اها آهي ته مون کي ڳالهائڻ ۽ موقف ڏيڻ لاءِ پليٽ فارم ڏنو پيو وڃي مان چيف جسٽس آڏو پيش ٿيندس. ڪير جج به مون تي پراڪسي جو الزام لڳائي، ان کي ثابت ڪرڻو پوندو، مون جسٽس بابر ستار جي اهليت تي سوال نه اٿاريو آهي. مان قائم آهيان ته جيڪڏهن ڪير پڳڙي اڇلائيندو ان جي پڳ کي به فوٽ بال کيڏنداسين. عطا تارڙ، مصطفيٰ ڪمال، گورنر، طلال چوڌري کي نه گهرايو ويو پر مون کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، رئوف حسن ججن کي ٽائوٽ چوندو رهيو،پنهنجي عزت تي ڪنڌ ڪٽرائي ڇڏيندس، پوئتي نه هٽندس. هن چيو ته مون کي بوٽ رکڻ تي عمران، باجوا ۽ فيض حميد مون کي چيو معافي گهرو پر مون انڪار ڪيو. مون کي عمران خان، پارٽي ۽ ادارن پريشر ڪڪر ۾ وجهي ڇڏيو هو ، منهنجي غلطي هوندي ته مان معافي وٺندس.فيصل واوڊا چيو آهي ته جسٽس اطهر من الله کي ثابت ڪرڻو پوندو ته مان پراڪسي آهيان،جج ٻيهر مون تي الزام هنيو آهي، طلال چوڌري،مصطفيٰ ڪمال ،ڪامران ٽيسوري به پريس ڪانفرنسون ڪيون آهن پر رڳو مون کي ئي عدالت ۾ گهرايو ويو آهي منهنجي لاءِ خوش آئند ڳالهه اها آهي ته مون کي ڳالهائڻ ۽ موقف ڏيڻ لاءِ پليٽ فارم ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.