ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران ڪٻاڙين جا دڪان بند ڪرائڻ وارو ڪيس جي ٻڌئي ٿي .اسڪريپ مارڪيٽ جي وڌيڪ دڪاندارن پوليس جي رويي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، ڪٻاڙي محمد وقاص، مجيد محمد، موسيٰ خان ۽ محمد ذيشان عدالت ۾ درخواستون داخل ڪيون آهن. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 27 مئي تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ،درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پوليس گاڏين جي چوري ٿيل سامان جي آڙ ۾ حراسان ڪري رهي آهي.درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ويسٽ، ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او پاڪ ڪالوني کي ڌر بڻايو ويو آهي.