اسلام آباد (م ڊ) ريحام خان پاڪستاني حڪومت کي (هيرا منڊي) سان ڀيٽي ڇڏيو آهي، ريحام خان سوشل ميڊيا ايڪس تي پوسٽ شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ”هيرا منڊي“ فلم بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ريحان خان پنهنجي پوسٽ ۾ پاڪستاني حڪومت کي نشانو بڻائيندي لکيو آهي ته جيڪڏهن هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي پنهنجي ڀائٽي (شرمين سيگل) کي فلم اسڪرين تي سٺي نموني متعارف نه ڪرائي سگهي ته پوءِ پاڪستاني حڪومت کي به کيس ڇڏڻ گهرجي.پوسٽ ۾ هن وڌيڪ چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته خاندان ۽ دوست گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، هي هڪ سياسي حڪومت کان وڌيڪ خانداني ڪاروبار لڳي رهيو آهي، هڪ ٻي پوسٽ ۾ ريحام خان چيو ته نيٽ فلڪس تي ”هيرا منڊي“ بابت افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته تمام معمولي پروڊڪٽ به ڀارت جي مضبوط نظريي سبب ميڊيا تي ڪامياب ٿي وئي، اداڪاري ۽ موسيقيءَ کان وٺي ڊائلاگ تائين ”هيرامنڊي“جي پروڊڪٽ ڍاڍي ڪمزور هئي.