لاهور( بيورو/م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته جيڪو ماڻهو دٻاءُ نٿو سهي سگهي اهو انصاف جي سيٽ تي ڪيئن ويهي سگهي ٿو، جج خط نه پر نوٽيس جاري ڪندو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي طلال چوڌري چيو ته ، 63 تي نااهلي جا فيصلا ٻڌائيندڙ پاڻ ان تي پورا نٿا لهن، جج سزا ڏين ٿا يا وزيراعظم کي اقتدار تان هٽائن ٿا. هن چيو ته جج لکي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته اسان جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هاءِ ڪورٽ ضلعي جي عدليه کي دٻاءُ ۽ تحفظ ڏيڻ لاءِ موجود آهي. توهان کي سزا جو فيصلو ڪرڻو آهي. طلال چوڌري چيو ته عدليه کي هر قسم جي دٻاءُ کان آزاد ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ کي سوموٽو وٺڻ گهرجي، اهو سڀ کان وڏو ادارو آهي. هن چيو ته توهين عدالت تي وزيراعظم کان وٺي اسيمبلي ميمبر تائين نااهل ٿي سگهن ٿا. پارليامينٽ جي توهين تي جج کي پارليامينٽ ۾ نه ٿو گهرايو وڃي.