ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن جي پروموشن نه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس ظفر راجپوٽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 1994۾ ڀرتي ٿيل ڊاڪٽر 2023 ۾ ساڳي گريڊ ۾ ريٽائر ٿي ويو ۽ جونيئر ڊاڪٽر 20 هين گريڊ ۾ ڪيئن ترقي ماڻي ويا؟ ،سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته جنهن جو ذڪر آهي اهو ڊيفر ٿي ويو هو انڪري پروموشن نه ٿيو آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس ظفر راجپوت چيو ته 27 سال سروس ڪرڻ واري کي پروموٽ نه ڪيو ويو ۽ 12 سال جي سروس واري کي ترقي ڏني وئي ڇا اها زيادتي ناهي؟ ، جسٽس ظفر راجپوت چيو ته هڪ ڊاڪٽر 17هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿي 25 سال بعد ساڳي ئي گريڊ ۾ ريٽائر ٿي ويو ۽ نون ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن جا پروموشن ان کان اڳ ۾ ڪيئن ٿي ويا؟، درخواستگذار چيو ته گذريل سال به پروموشن ٿيا هئا جن جا پروموشن ٿيا آهن سڀ مونکان جونيئر آهن، سرڪاري وڪيل چيو ته پروموشن لاءِ ڪجهه ضابطه هوندا آهن انهن جي ڪري درخواستگذار پروموشن کان رهجي ويو هو، جسٽس ظفر راجپوٽ چيو ته سڀني کي برابر جي نظر سان ڏسي پروموشن ڪرڻ کپن ها پسند نا پسند جي ڪري ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. درخواستگذار جي وڪيل بيريسٽر فيضان حسين ميمڻ چيو ته جن جا پروموشن ٿي چڪا آهن انهن کان به اڳ منهنجو درخواستگذار پروموشن لاءِ اهل هو ان حساب سان پروموشن 20هين گريڊ ۾ڪيو وڃي. عدالت رماڪس ڏيندي چيو ته توهان جو پروموشن 19هين گريڊ ۾ ٿيڻ ممڪن آهي.