قومي اسيمبلي:علي محمد خان جو مفاهمتي پيغام هنگامي جي ور چڙهي ويو

اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته اڄ تائين رڳو سياستدانن کي ئي ڇو نشانو بڻايو ويو،ذوالفقار  علي ڀٽو کي ڇو ڦاهي ڏني وئي؟ بينظير ڀٽو کي ڇو قتل ڪيو ويو؟لياقت علي خان کي ڇو قتل ڪيو ويو؟ نوازشريف کي هٿڪڙيون هڻي ملڪ بدر ڪيو ويو،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته ججن جي ڪمرن ۾ ڪئميرائون لڳي سگهن ٿيون ته اهي ڪئميرائون بينظير ڀٽو جي قاتلن کي ڇو نه پڪڙي سگهيون؟منهنجي ڏاڏي کي ايوب خان جي ڪابينا ۾ نه هئڻ گهرجي ها، سڀني کي پنهنجيون غلطيون مڃڻيون پونديون، ڪو بروڪر يا ڊيلر ناهي جو اسان سياسي جماعتن کي پاڻ ۾ ويهاري، بلڪه اسپيڪر جي ڪرسي کي چوان ٿو ته هو شروعات ڪري،هن چيو ته عمران خان کي آزاد پرڏيهي پاليسي بڻائڻ جي سزا ڏني پئي وڃي،انهيءَ ڏوهه ۾ هو جيل ۾ پيل آهي،پ پ جي قادر پٽيل چيو ته اپوزيشن رڳو عمران خان جي ڳالهه ڪري ٿي، ادي فريال ٽالپر کي آڌي رات جو گرفتار ڪيو وڃي ٿو،پ پ سان به ظلم ٿيو آهي،حنيف عباسي چيو ته توهان هڪ پيءُ آڏو هن جي ڌيءُ کي گرفتار ڪيو،راڻا ثناءٌ الله تي هيروئن جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، توهان سان اڃا ته ڪجهه نه ٿيو آهي، توهان ته رياستي جبر ناهي ڏٺو، پي ٽي آءِ هڪ دهشت گرد تنظيم آهي،انهن کي سزائون ملڻ گهرجن، جنهن بعد ايوان ۾ هنگامو ٿي پيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.