اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه ٻئي ڏينهن به هنگامي جي ور چڙهي ويو، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شگفته جماڻي جو پي ٽي آءِ جي شاهد خٽڪ سان جهيڙو ٿي پيو. جهيڙو ايترو وڌي ويو جو شگفته جماڻي شاهد خٽڪ طرف هيڊ فون اڇلائي ڇڏيو پر اهو کيس نه لڳو. شگفته جماڻي شاهد خٽڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته سڀني کي خبر آهي توهان ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو، ڇا ٿيو، توهان جي گوگيءَ جي به خبر آهي. شگفته جماڻي جي ڪاوڙ ڏسي علي محمد خان وٽس هليو ويو، شاهد خٽڪ چيو ته هي عورتون آهن، مان انهن کي جواب ڏيڻ نٿو چاهيان، عورتن کي اهڙي نموني جواب ڏيڻ اسان جي تربيت ناهي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه وڏي مشڪل سان معاملو خراب ٿيڻ کان بچايو ۽ چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي.