اسلام آباد ( م ڊ ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير دوران فاروق ستار چيو ته علي محمد خان توهان کي اڄ احساس ٿيو آهي؟ اسان هڪ ڊگهي وقت تائين ان بابت ڳالهائي رهيا آهيون. هن چيو ته توهان 4 سالن کان چوندا هئا ته اسان ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي آهيون، هاڻي توهان جي چيئرمين کي ان تي معافي وٺڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي باوجود اڍائي ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن. هن چيو ته بي آءِ ايس پي بدران منفرد آمدني پيدا ڪرڻ وارو پروگرام ٺاهيو وڃي. فاروق ستار اهو به چيو ته گذريل 15 سالن ۾ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ دور رهيو آهي، نوجوانن جا حق کسيا ويا آهن، صوبي ۾ جعلي ڊوميسائل تي نوڪريون ڏنيون ويون .
-
آزاد ڪشمير ۾ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان
مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،، مظفر آباد ۾ 3 مظاهرين جي مارجي وڃڻ بعد ڪشمير ۾ يوم سوڳ پڻ ملهايو ويو، عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ميمبر امتياز اسلم جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن مان مظفر آباد پهتل مظاهرين کي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو آهي، امتياز اسلم چيو ته 3 مظاهرين جي مارجي وڃڻ جو ذميوار آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوار الحق آهي، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، هن چيو ته وفاقي سرڪار اسان جا سمورا مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن، تنهن ڪري احتجاج ختم ڪري رهيا آهيون.