اسلام آباد(بيورو) وفاقي ڪابينا ڊجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جي مسودي تي اتفاق راءِ پئدا لاءِ قائم راڻا ثناءُ ﷲ جي سربراهيءَ ۾ اتحادين جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جي مسودي جي به منظوري ڏني وئي، جيڪو قانون سازي لاءِ پارليامنٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب پيڪا ايڪٽ 2016ع جي مقابلي ۾ مختلف ڏوهن جي سزائن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ۽ مختلف ڏوهن کي ضمانت نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نئين تجويز ڪيل پيڪا قانون ۾ سائبر دهشتگردي جي تشريح به تبديل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت ڪنهن برادري يا فرقي ۾ ڊپ يا غير محفوظ ٿيڻ جو احساس پئدا ڪرڻ به سائبر دهشتگردي تصور ڪئي ويندي. نئين تجويز ڪيل قانون ۾ سائبر دهشتگردي جي وصف کي به تبديل ڪيو ويو آهي. پابندي مڙهيل تنظيمن، فردن يا ٽولن جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ کي به سائبر دهشتگردي چيو ويندو. تجويز ڪيل قانون ۾ سائبر دهشتگردي بابت ڪيس نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن اٿارٽي ڏانهن ويندا. سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن اٿارٽي پوليس ۽ ايف آءِ اي جا اختيار ۽ وسيلا استعمال ڪري سگهندي. اٿارٽي ڪنهن به جوابدار يا ڏوهاري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو اختيار رکندي، سائبر ڪرائم ڪي سيڪشن 8 جي سزا 3 سالن مان وڌائي 7 سال ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پيڪا ايڪٽ 2024 جو سيڪشن 8 ذاتي معلومات ۾ مداخلت بابت آهي، جنهن ۾ نفرت جهڙين تقريرن جي شق کي سيڪشن ۾ تبديل ڪرڻ، دهشتگردن جي ڀرتي، مالي مدد ۽ منصوبابندي بابت الڳ سيڪشن ٺاهڻ، اليڪٽرانڪ ٺڳيءَ جي سزا 3 سالن مان وڌائي 7 سال يا 50 لک ڏنڊ يا ٻئي تجويز ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ جي اجازت کانسواءِ ورچوئل يا ڪرپٽوڪرنسي استعمال ڪرڻ تي 5 سال ۽ اليڪٽرانڪ ڊيوائس فراهم ڪرڻ جي سزا 6 مهينن کان وڌائي 3 سال ڪئي وئي آهي، ڪنهن جي اجازت بنا سڃاڻپ جي معلومات استعمال ڪرڻ جي سزا 3 سال کان وڌائي 7 سال ڪئي وئي آهي. جڏهن ته غير قانوني وائيس ٽرئفڪ ٽرانسميشن جي سزا 3 سال تجويز ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ادارن جي سربراهن کي اضافي چارج ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مستقل ماڻهو مقرر ڪري اضافي چارج جو سسٽم ختم ڪيو وڃي. اجلاس م پاسڪو کي ڪڻڪ جي خريداري جي ٽارگيٽ م 4 لک ميٽرڪ ٽن وڌائڻ جي منظوري ڏيندي ٽارگيٽ 14 مان وڌائي 18 لک ميٽرڪ ٽن ڪيو ويو. پاور سيڪٽر لاءِ 127 ارب 50 ڪروڙ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان کانسواءِ آزاد ڪشمير مسئلي بجليءَ جي اگهن جو فرق ختم ڪرڻ ۽ رهتن لاءِ 55 ارب رپين جي به منظوري ڏني وئي.