دهلي ( م ڊ ) چيو وڃي ٿو ته پاڪستان چوڙيون ناهن پاتيون ته اسان پارائي ڇڏينداسين،هاڻي انهن کي اٽي جي به ضرورت آهي، انهن وٽ بجلي به ناهي. هاڻي اسان کي خبر ناهي ته هنن وٽ چوڙيون به نه آهن.ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بهار جي ٽن ضلعن ۾ مسلسل چونڊ جلسن کي خطاب ڪيو. ان حوالي سان مظفر پور ۾ پنهنجي تقرير دوران خاص طور تي پاڪستان جو ذڪر ڪندي مخالف ڌر کي نشانو بڻايو ۽ طنز ڪيو ته هو پاڪستان کي چوڙيون پارائي ڇڏيندا، مودي جي اهڙي بيان کي سياسي مخالفن طرفان عورت مخالف بيان قرار ڏنو پيو وڃي. نريندر مودي جو اهو بيان هندستان جي مقامي سياست جي حوالي سان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ بيان بازي جو هڪ سلسلو لڳي ٿو. تازو ئي نيشنل ڪانفرنس ۽ ڀارت جي زير انتظام ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله بي جي پي اڳواڻ ۽ بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه ۽ گهرو وزير اميت شاهه جي پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير کي ڀارت ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان چيو هو ته پاڪستان وٽ ايٽم بم آهي، هنن چوڙيون ناهن پاتيون. ڀارت ۾ هلندڙ پارلياماني چونڊن ۾ پاڪستان جو ذڪر روز جو معمول بڻجي رهيو آهي ۽ ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته اها عوام ۽ ووٽرن کي ورهائي ووٽ حاصل ڪرڻ جي هڪ عمدي حڪمت عملي آهي.