انٽرويوئن ۾ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي\سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران هڪ خانگي چينل تي هلندڙ خبر کي بي بنياد قرار ڏيندي وضاحت ڪئي آهي ته ڪميشن  پاران لاءِ اهل ۽ قابل ميمبرن کي انٽرويو ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪميشن پاران ڪنهن به عدالتي حڪم جي ڪابه نافرماني ناهي ڪئي وئي. ايس پي ايس سي پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ خانگي چينل پاران نشر ٿيل خبر ۾  ڪميشن جي هڪ معزز ميمبر کي نسلي تعصب جي بنياد تي  انٽرويو ۾ شامل ڪرڻ تي الزام تراشي ڪئي وئي آهي ۽ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم جي نافرماني ڪرڻ جو ٻڌايو ويو آهي. جيڪا خبر سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي. ڪميشن پاران مختلف نوڪرين لاءِ اميدوارن جا انٽرويو ڪميشن جي لاڳاپيل ميمبرن جي موجودگي توڙي انهن جي لاڳاپيل سبجيڪٽ ۾ ماهراڻين صلاحيتن جي بنياد تي چونڊ ڪري شامل ڪيو ويندو آهي ته جيئن قابل ۽ اهل اميدوارن کي ميرٽ جي بنياد تي پاس ڪري کين ڪامياب قرار ڏنو وڃي. ڪميشن پاران وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي ته اهڙين غلط ۽ بي بنياد خبرون نشر ڪرڻ وارن ادارن توڙي صحافين خلاف ڪميشن ڪهڙي وقت به لاڳاپيل قانون موجب  سخت ڪاروائي ڪرڻ جو محفوظ حق استعمال ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.