اسلام آباد (بيورو/ م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پنهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم بابت چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي لکيل خط ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته آڊيو ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اعليٰ اختيارين پاران پوئتي هٽي وڃڻ جو پيغام مليو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي خط لکيو ويو آهي. ذريعن موجب جسٽس بابر ستار خط ۾ چيو ته آڊيو ليڪس ڪيس ۾ مون کي پيغام ڏنو ويو ته پوئتي هٽي وڃو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس بابر ستار لکيو ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ٽاپ آفيشل جو پيغام مليو ته پوئتي هٽي وڃو، مون کي پيغام ڏنو ويو ته سرويلينس جي طريقي ڪار جي اسڪروٽني کان پوئتي هٽي وڃو. جسٽس بابر ستار طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته آڊيو ليڪس ڪيس ۾ عدالت آڏو سوال ڪيو ويو ته ڇا اهڙو ڪو قانوني نظام آهي جيڪو شهرين جي نگراني جي اجازت ڏئي. ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ عدالت وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل وزارتن، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کان سواءِ آئيني ريگيوليٽري ادارن جهڙوڪ آءِ ايس آءِ، انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) ۽ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کان جواب طلب ڪيو ۽ انٽيليجنس ۽ جاچ ادارن جي سربراهن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب جسٽس بابر ستار لکيو ته مون اهڙي ڌمڪي جوڳي حربي تي ڪو ڌيان نه ڏنو، مون کي نه لڳو ته اهڙن پيغامن انصاف جي فراهمي ۾ نقصان جو خطرو پيدا ڪيو هجي. جسٽس بابر ستار چيو ته سوشل ميڊيا تي بدنيتي تي ٻڌل مهم عدالتي ڪارروائي کي متاثر ڪرڻ جو خوفناڪ حربو نظر اچي ٿو.
اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج بابر ستار جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت ۽ دٻاءُ جي الزامن کي رد ڪندي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪنهن به اهو پيغام نه ڏنو ته توهان پوئتي هٽو، رڳو ان ڪئميرا بريفنگ ۾ اهو چيو ويو ته هو ان ڪئميرا بريفنگ قومي سلامتي جي سببن جي طلب ڪئي وئي جنهن تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو. قانون واري وزير نذير تارڙ اطلاعات واري صوبائي وزير عطاءُ الله تارڙ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا جي قانونن ۽ ضابطن تي ٽي وي، اخبار ۽ ريڊيو تي تمام گهڻو بحث ٿيو، ان سلسلي ۾ هڪ اٿارٽي به ٺاهي وئي. جنهن بعد اهو معاملو سي ايل سي سي ۾ به آيو، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڪيترن ئي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کانپوءِ مسودو موڪلي ڇڏيو جيڪو اڄ منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا وٽ آيو.هن چيو ته ان مسودي ۾ ڊجيٽل حقن بابت اٿارٽي جي قيام جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ هدايتون پڻ مقرر ڪيون ويون آهن جيڪي پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 جي مطابق آهن، وزيراعظم جي راءِ باوجود ڪابينا جي ميمبرن به اها تجويز ڏني آهي. هن ان ڳالهه جي حمايت ڪئي ته قانون سازي ۾ به سياسي اتفاق راءِ ضروري آهي، ان ڪري هن هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ اسان جي اتحادي پارٽين کي نمائندگي ڏني ويندي ۽ اهي ان جو جائزو وٺي هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪنديون. هن چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان به پنهنجي وضاحت پيش ڪئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ معزز جج صاحب هڪ خط لکيو آهي، جنهن جي مواد مان اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته انٽيليجنس ۽ دفاعي ادارا ججن جي ڪم ۾ مداخلت چاهين ٿا يا ڪن ٿا. هن چيو ته آزاد عدليه ملڪ کي اڳتي وٺي ويندي آهي پر اسان جنهن قسم جي چئلينجز ۽ ماحول کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جن ۾ دهشتگردي، امن امان، معاشي ۽ سلامتي شامل آهن، سمورن ادارن کي هڪ ٻئي کي ٿوري جاءِ ڏيڻ گهرجي. هر ڪنهن کي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي.
اسلام آباد (بيورو) اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار جي خط جي حوالي سان وضاحت جاري ڪري ڇڏي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اٽارني جنرل چيو ته جسٽس بابر ستار جي خط جي حوالي سان وضاحت ضروري سمجهان ٿو، رياست جي ڪجهه حساس ڄاڻ هوندي آهي، حساس ڄاڻ جي حوالي سان اٽارني جنرل يا ايڊووڪيٽ جنرل رابطو ڪندا آهن. هن چيو ته نه حڪومت نه حڪومتي ادارو عدليا جي معاملن ۾ مداخلت ڪندو آهي نه ڪري سگهي ٿو، اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ڄڻ عدليا ۽ ايگزيڪيوٽو وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن، درخواست ڪئي وئي هئي ته سرويلينس بابت معاملن تي بريفنگ ان ڪئميرا ڪئي وڃي، بدقسمتي سان تاثر ڪجهه اهڙو ورتو ويو ته ڪيس جو فيصلو ڪنهن هڪ رُخ تي ڪيو وڃي ائين نه هو. سندس چوڻ هو ته اهڙي درخواست جيڪا قانوني هجي، ان ۾ اٽارني جنرل يا ايڊووڪيٽ جنرل پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن، خط جي متن تي غور ڪيو وڃي ته ڪهڙي شئي کي انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ چيو ويو آهي، ڪنهن سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ آفيسر سڌي ريت رابطو ڪيو آهي نه ڪري سگهي ٿو.