نئون مالي اسڪينڊل: سياستدانن،جنرلن،ڪامورن سميت پاڪستاني شهرين جون دبئي ۾ 12 ارب ڊالرن جون ملڪيتون

دبئي(عمر چيما+م ڊ)دبئي ۾ پرڏيهين جي 400 ارب ڊالرن جي ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ 12 ارب ڊالرن جي پاڪستانين جون ملڪيتون به شامل آهن.”پراپرٽي ليڪس“ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي سياسي شخصيتن، سرڪاري آفيسرن ۽ رٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جا نالا شامل آهن. دبئي ۾ پاڪستانين جون 12 ارب ڊالرن جون ملڪيتون آهن، دبئي ۾ سڀ کان وڌيڪ جائيدادون خريد ڪندڙن ۾ پاڪستاني ٻئي نمبر  تي آهن.پراپرٽي ليڪس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 17 هزار پاڪستانين دبئي ۾ 23 هزار ملڪيتون خريد ڪيون آهن. پراپرٽي ليڪس ۾ صدر آصف زرداري جي ٽن ٻارن جا نالا به شامل آهن،اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جو نالو به دبئي ملڪيتن جي لسٽ ۾ شامل آهي. پراپرٽي ليڪس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جو نالو به شامل آهي،پراپرٽي ليڪس ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ رٽائرڊ سرڪاري آفيسرن، هڪ پوليس چيف، هڪ سفارتڪار ۽ هڪ سائنسدان جا نالا به شامل آهن.دبئي ليڪس ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ رٽائرڊ فوجي جنرلن ۽ انهن جي خاندانن،بئنڪرن،سياستدانن، ميڊيا شخصيتن، وڏن واپارين  جا نالا به شامل آهن.جڏهن ته پاڪستان ايئرفورس جي ٻن رٽائرڊ ايئر وائيس مارشل،هڪ حاضر سروس انسپيڪٽر جنرل پوليس،هڪ رٽائرڊ صدر نيشنل بئنڪ آف پاڪستان،هڪ اڳوڻي چيرمين اوجي ڊي سي ايل،هڪ حاضر سروس چيئرمين پاڪستان ڪائونسل فار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي به ان ۾ شامل آهن،ليڪ ڊيٽا 2020ع کان 2022ع جي دورانئي جي آهي، ان ۾ اڳوڻي صدر جي ملٽري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل(ر)شفاعت الله شاهه جو نالو به شامل آهي،هن جو نالو پينڊور پيپرز ۾ به آيو هو، جنرل مشرف جي دور جي اڳوڻي ڊي جي سي اڳوڻي ميجر جنرل احتشام ضمير،هن جي پٽ ۽ ٻيا ٻار فرسٽ،مريناآرڪيڊ مرسا ايريا ۾ ملڪيت مالڪن ۾ شامل آهن،اين ايل سي اسڪينڊل جي ليفٽيننٽ جنرل(ر)افضال مظفر جي پٽ،آءِ جي آزاد ڪشمير ڊاڪٽر سهيل حبيب تاجڪ،نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر عارف عثماني جو پينٽ هائوس،هڪ ٻئي لفيٽيننٽ جنرل(ر) محمد اڪرم،ليفٽيننٽ جنرل(ر) عالم جان محسود ۽ هن جي گهرواري پام جميره ايريا ۾ پنج ڪمرن جي فليٽ جا مالڪ،ميجر جنرل(ر)غضنفر علي خان ايس 15 بلڊنگ الورسان فرسٽ ۾ هڪ پراپرٽي،ميجر جنرل(ر) راجا محمد عارف نذير به گالف پرومينيڊ ٿرڊ ايريا ۾ هڪ پراپرٽي جو مالڪ،ايئروائس مارشل(ر)سليم طارق ۽ ايئر وائيس مارشل(ر)خالد مسعود راجپوت،ميجر جنرل(ر) محمد فاروق،ميجر جنرل(ر)انيس باجوا جي گهرواري،ميجر جنرل(ر)نجم الحسن شاهه،اوجي ڊي سي ايل جي اڳوڻي چيئرمين زاهد مظفر ۽ ڄيئرمين پي سي ايس ٽي سيد انوارالحسن گيلاني جا نالا به جائيداد مالڪن طور موجود آهن پراپرٽي ليڪس موجب حسين نواز گهرو وزير محسن نقوي جي گهرواري,شرجيل ميمڻ ۽ سندس گهرڀاتين جا نالا به دبئي ۾ ملڪيتن جي مالڪن ۾ شامل آهن.سينيٽر فيصل واوڊا جو نالو به دبئي ملڪيت جي مالڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي. سنڌ جي قومي اسيمبلي جي چئن ميمبرن جي به دبئي ۾ ملڪيت آهي. پراپرٽي ليڪس ۾ بلوچستان ۽ سنڌ جي 6 کان وڌيڪ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا نالا به شامل آهن،پي ٽي آءِ جي شيرافضل مروت،فرحت شهزادي عرف فرح گوگي جا نالا به شامل آهن،اهي انگ اکر سينٽر فار ايڊوانسڊ ڊفينس اسٽڊيز حاصل ڪيا آهن،جيڪا واشنگٽن ڊي سي ۾ واقع هڪ غيرمنافعي بخش تنظيم آهي، ان کانپوءِ ان کي ناروي جي مالياتي آئوٽ ليٽ اي 24 ۽ آرگنائزڊ ڪرائم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پراجيڪٽ(او سي سي آر پي) سان شيئر ڪيو ويو، جنهن 58 ملڪن جي 74 ميڊياآئوٽ ليٽس جي رپورٽرن سان گڏجي 6 مهينن جي تحقيقاتي منصوبي کي انجام ڏنو، دي نيوز ۽ ڊان پاڪستان مان ان منصوبي ۾ ڀائيوار هئا،

  1. ”جائيداد ڊڪليئرڊ آهي“ دبئي پراپرٽي ليڪس کان پوءِ وضاحتن جو سلسلو شروع

ڪراچي ( عوامي آواز نيوز ) دبئي ليڪس کانپوءِ وضاحتن جو سلسلو شروع ٿي  ويو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان وضاحت ڪئي آهي ته بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو جا سمورا اثاثا اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ آهن، هن چيو ته بينظير ڀٽو جي جلاوطني دوران بلاول ۽ آصفه ڀٽو انهن ملڪيتن ۾ ترسيل هئا، بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ دبئي جون ملڪيتون اولاد کي وراثت ۾ مليون، سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ دبئي پراپراٽي ليڪس ۾ نالو اچڻ تي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته جنهن ملڪيتن جي ڳالهه ٿي پئي اهي اڳ ۾ ئي ڊڪليئر آهن، هن چيو ته اسان هر سال اهي ملڪيتن ۽ جائيدان جي ڊڪليئريشن ۾ اهي تفصيل جمع ڪرائيندا آهيون، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وضاحت ڏيندي چيو ته زال جي نالي تي خريد ڪيل ملڪيت باقاعده ڊڪليئر آهي،هن چيو ته جائيداد کي جمع ڪرايل ٽيڪس گوشوارن ۾ به ظاهر ڪيو آهي،  محسن نقوي وضاحت ڏيندي وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل گوشوارن ۾ به دبئي جي ملڪيت کي ڊڪليئر ڪيو آهي، هن چيو ته هڪ سال اڳ ان ملڪيت کي وڪڻي به ڇڏيو هو، جنهن مان مليل رقم مان ڪجهه هفتا اڳ هڪ ٻئي ملڪيت خريد ڪئي آهي،  هوڏانهن شير افضل مروت وضاحت ڏيندي چيو ته مان دبئي مان اپارٽمينٽ جو مالڪ آهيان، دبئي ۾ پراپرٽي ايف بي آر ، اليڪشن ڪميشن، ۾ 6 سال اڳ ڊڪلئير آهن. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ پراپرٽي جي تصديق ايف بي آر ۽ اليڪشن ڪميشن کان به ڪري سگهجي ٿي.

  1. سينيٽر فيصل واوڊا کي دبئي ليڪس ۾ سازش نظر اچڻ لڳي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ڪجهه مخصوص ميڊيا گروپن ۾ پروپئگنڊا ٿيڻ واري آهي، انهن جا ڪردار به عالمي طاقتن سان لاڳاپيل آهي ليڪس وارا رانديگر آهن، مهم ۾ هڪ خاص طبقي کي ڪلين چٽ ڏيڻ جو به فرمائشي  پروگرام ٺاهيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ايندڙ مهم جو ٽارگيٽ ايس آءِ ايف سي، دوست ملڪ، پاڪستان ۾ ايندڙ عالمي سيڙپڪاري آهي؟ سينيٽر فيصل واڊا چيو ته سوال اهو به آهي ته ان جو حتمي ٽارگيٽ ڪير آهي؟ وقت اچڻ تي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس. هن چيو ته هن پروپئگنڊا جو وقت چيڪ ڪريو.هن چيو ته دبئي ليڪس ۾ ادارن جي اهم شخصيتن جا نالا شامل آهن،ان ۾ آئين ۽ قانون جي ٺيڪيدارن(جج) کي بخش ڪيو ويو آهي

  1. عبدالغني مجيد جو آصف علي زرداري کي 32 ڪروڙ 90 لک ماليت جو تحفو

دبئي(عوامي آواز نيوز)2014ع ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري سان نامزد جوابدار ۽ بزنيس ٽائيڪون  عبدالغني مجيد پنهنجي ويلٿ اسٽيٽمينٽ ۾ ڊڪليئر ڪيو ته هن 32 ڪروڙ 90 لک رپين جي ماليت جو هڪ تحفو ڏنو هو پر هن نه ان تحفي جي قسم ۽ نه ئي ان جي وصول ڪندڙ جو ذڪر ڪيو، پر جي آءِ ٽي مارچ 2014ع ۾ دبئي ۾ هڪ پينٽ هائوس جي خريداري جي باري ۾ هڪ ميمو هٿ ڪيو، پراپرٽي ليڪس جي ڊيٽا ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته عبدالغني مجيد اها ملڪيت آصف علي زرداري کي تحفي ۾ ڏني جنهن اها پنهنجي ڌيءُ کي تحفي ۾ ڏني،محسن نقوي جي گهرواري اريبيئن رينچز ۾ پنج ڪمرن جو ولا آگسٽ 2017ع ۾ 43 لک 47 هزار 888 درهم يعني 32 ڪروڙ 90 لک رپين ۾ خريد ڪيو هو، رڪارڊ مطابق اهو ولا اپريل 2023ع ۾ 45 لک 50 هزار يعني 34 ڪروڙ 40 لک رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو

  1. دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ وارن ملڪن ۾ ڀارتي شهري سڀني کان اڳتي

شارجا ( م ڊ )  دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ وارا سڀ کان وڌيڪ هندستاني آهن. پراپرٽي  ليڪ انڪشاف ڪيو ته 29,700 هندستانين دبئي ۾ 35,000 ملڪيتن جا مالڪ آهن. دبئي ۾ هندستاني ملڪيتن جي قيمت اٽڪل 17 بلين ڊالر آهي. ان کان علاوه 19,500 برطانوي شهري دبئي ۾ 22,000 ملڪيتن جا مالڪ آهن. دبئي ۾ برطانوي شهرين طرفان خريد ڪيل ملڪيتن جي ماليت 10 ارب ڊالر آهي.8500 سعودي شهري دبئي ۾ ساڍا 8 ارب ڊالرن جون 16 هزار ملڪيتون خريد ڪيون آهن.

  1. اربين رپين جي ملڪيتن سان ملڪي سياست ۾ ٿرٿلو

دبئي(عوامي آواز نيوز)ڊيٽا ليڪس ۾ مالي ڏوهن جي پئسن سان خريد ڪيل ملڪيتن جا ثبوت شامل نه آهن، ۽ نه ئي آمدني جا ذريعا شامل آهن، رينٽ جي مد ۾ ٽيڪس ڊيڪليريشن جهڙي معلومات شامل ناهي، پر سياسي پنڊتن جو چوڻ آهي ته اهڙي حالتن ۾ هڪ پاسي پاڪستان ٻڏندڙ معيشيت کي بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف سميت ٻين ملڪن کان مدد جي اميد لڳائي ويٺل آهي، اتي ٻئي پاسي وڏي انگ ۾ پراپرٽيز رکندڙ پاڪستانين جا نالا سامهون اچڻ تي ملڪي سياست ۽ حالتن ۾ ڀونچال اچي سگهي ٿو.

  1. پاڪستان کان ٻاهر ملڪيتن جو مالڪ هجڻ غيرقانوني سرگرمي ناهي:وضاحت

دبئي ( م ڊ )  پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن فرد جي ملڪيت رکڻ بذات خود ڪا غير قانوني سرگرمي ناهي.  ڪيترائي ماڻهو ٻاهرين ملڪيتن جا مالڪ آهن ڇو ته انهن يا ته ٻاهرين  ملڪ ڪم ڪيو آهي يا انهن اثاثن کي خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٽيڪس لائق آمدني استعمال ڪئي آهي.اهو انهن جي لاڳاپيل ملڪن ۾ ٽيڪس اختيارين جي معاملي جي قانونيت جو فيصلو ڪرڻ آهي. هتي اهو ٻڌائڻ آهي  ته دبئي اسلامي دنيا ۾ ترقي ۽ جدت جي علامت آهي.ان جا متحرڪ ڪاروباري مرڪز ۽ ڪاروبار دوست ماحول، نه رڳو لکين پروفيسر ۽ انٽرپرينيوئرز کي راغب ڪري ٿو، پر سيڙپڪاري کي پڻ همٿائي ٿو. بهرحال، ڪنهن به وڏي عالمي شهر وانگر، دبئي کي پنهنجا چئلينج آهن ۽ هر ڪميونٽي ۾ ڪجهه ماڻهو ذاتي فائدن لاءِ ضابطن کي غلط استعمال ڪندي سسٽم جو استحصال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهن جا عمل شهر يا ان جي حڪمراني جي مجموعي عظمت يا قدرن جي عڪاسي نٿا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.