ججن خلاف مهم ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ سميت ڳجهن ادارن جو ڪردار ڏسڻو آهي\اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس بابر ستار خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ڳجهي خانداني معلومات ليڪ ڪرڻ، سوشل ميڊيا مهم بابت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ان ڪيس ۾ آءِ ايس  آءِ، انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) ۽ ملٽري انٽيليجنس (MI) سميت سڀ ڳجهين ايجنسين  جو ڪردار ڏسڻو پوندو. ميڊيا موجب جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس طارق محمود  جهانگيري ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان شامل آهن.  جسٽس محسن اختر ڪياني پبلڪ پراسيڪيوٽر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ وارا آهيون، ڪجهه ٽوئيٽر اڪائونٽس، ڪجهه هيش ٽيگ به شامل آهن، اسان جي معزز جج جي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪئي وئي، اها ڄاڻ موجوده جج جي آهي. جسٽس بابر ستار جي خاندان جي ذاتي معلومات سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي وئي. جسٽس محسن اختر ڪياني وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته ذاتي معلومات يا ته سرڪاري ادارن کان هيڪ ٿي يا ڪنهن ايجنسي ڏني، اسان ان ڪيس ۾ آءِ ايس آءِ، انٽيليجنس بيورو (آءِ بي)، ملٽري انٽيليجنس (ايم آءِ) سميت سڀني ڳجهن ادارن کي ڏسڻو آهي ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ ۽ جج تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ موجوده جج خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائي. جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته اهو تمام آسان آهي ته جنگ جو خوف هوندو آهي پر اهو جنگ جو خوف رڳو عدليه لاءِ آهي؟ هنن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ان ڪري ٿي آهي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن جج خلاف اهڙو واقعو نه ٿئي، ڪنهن کي جج وٽ وڃڻ جي جرئت نه آهي پر هو ائين ڪندا آهن. جسٽس طارق محمود جهانگيري رمارڪس ڏنا ته هن ڪيس ۾ ملوث ماڻهن لاءِ نتيجا ڀيانڪ ٿي سگهن ٿا. جنهن بعد عدالت آءِ ايس آءِ، آءِ بي، پي ٽي اي، دفاع واري وزارت، اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل آفيس، ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ايف آءِ اي، سائبر ڪرائم ونگ ايف آءِ اي، ڊي جي پاسپورٽ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.  هوڏانهن ٻئي طرف جسٽس عامر فاروق، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر تي ٻڌل 3 رڪني لارجر بينچ جسٽس محسن اختر ڪياني جي خط جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سينيئر صحافين مطيع الله جان، طلعت حسين، وقاص ملڪ ۽ پيمرا کي به نوٽيس جاري ڪيا جڏهن ته سينيئر صحافي ۽ اينڪر حامد مير، پي ايف يو جي صدر احمد حسن ۽ احمر بلال صوفي کي عدالتي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪندي پيمرا کي متن فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.