قمبر ڀرسان پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي

قمبر  (رپورٽ: محمود شيخ )  قمبر جي ڳوٺ در محمد مغيري ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو مارجي ويلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو. مهي مڪول ٿاڻي جي حد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان مغيري برادري جي ٻن ڌرين  وچ جيهڙو ٿي پيو جيهڙي دروان فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ئي گهر جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا جن کي طبي امداد لاءِ قمبر اسپتال پهچايو جتي کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٽي ڄڻا ڪمال سندس ڀائٽيو ياسين مغيري ۽ هڪ عورت هيرا فوت ٿي وئي هئي جڏهن ته وڌيڪ زخمين مان هڪ زخمي ارباب علي مغيري پڻ فوت ٿي ويو جڏهن ته فوت ٿي ويل جو انگ وڌي چار ٿي ويو آهي. فوتي جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو آهي. چئن ئي فوتين جي نماز جنازہ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ مغيري برادري جي نيڪ مردن سميت بردارين جي ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واقعي جي ايف آئي آر مهي مڪول ٿاڻي تي مقتول عورت جي ڀاءُ علي بخش مغيري جي فرياد تي 8 معلوم ۽ 3 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته فلحال ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه  سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.