ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ ۾وڌندڙ بي امني، ڦرمار توڙي اغوا جي وارداتن کي حڪومتي ناڪامي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ڌاڙيلن حوالي آهي سنڌ جو ڪوبه شهر ناهي بچيو جتي ڪو شهري اغوا، ڦرمار ۽ ڌاڙي جي وارڌات نه ٿي هجي، ان صورتحال باوجود گهرو وزير جو”سڀ ٺيڪ هجڻ“ جي دعويٰ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي، جيستائين ظالم وڏيرن ۽ پوليس جي ڪارين رڍن جي خلاف آپريشن نه ٿيندو تيستائين سنڌ ۾ امن ممڪن ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي. ڏوهارين کي حڪومتي پارٽي جي حمايت حاصل آهي.