خانواهڻ(رپورٽ: وقار لوچي)خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عباس ڪونڌر ۾ ڀائرن جي وچ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان وڏي ڀاءُ محمد ياسين ڪونڌر پسٽل جا فائر ڪري ننڍي ڀاءُ محمد اڪرم ڪونڌر کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙو اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ڪنڊيارو عبدالمجيد آرائين ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري وارڌات واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو جيڪو پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنديارو اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم کانپوءِ مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،وارث مرد توڙي عورتون اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندا رهيا ۽ سندن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مقتول محمد اڪرم ڪونڌر جي ڀاءُ اختر علي ٻڌايو ته اباڻي ملڪيت مان حصو گهرڻ تي وڏو ڀاءُ محمد ياسين ناراض رهندو هو ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيندو رهندو هو، اڄ هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري محمد اڪرم کي قتل ڪري ڇڏيو، هن گهر ڪئي ته قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي، هوڏانهن ڊي ايس پي ڪنڊيارو جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن قتل الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ عباس ڪونڌر ۾ ڇاپا هڻي ٻن عورتن لطيفان زال در محمد، سڪينه ڌي محمد ياسين توفيق احمد پٽ محمد ياسين عامر علي پٽ محمد طالب ۽ محمد ڪامل پٽ در محمد ڪونڌر کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو،