اوٻاوڙو پوليس پاران بدنام ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو ( ن ع آ )  اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران اغوا ڪار ڌاڙيلن جي موجودگي واري خفيا اطلاع تي ايس ايڇ او عبدالشڪور  لاکو پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري مليل اطلاع واري ھنڌ پھتو جتي ڏوھارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جتي پوليس ۽ ڏوھارين ۾ جديد ھٿيارن سان سخت مقابلو ٿي پيو پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ بدنام زمانا ڏوھاري چاندي شر جو ڀائٽيو  ۽ بدنام ڌاڙيل لالو شر مارجي ويو، ھوڏانھن ضلعي گھوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جا اٽالا پھچي ويا پوليس ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪندي آپريشن دوران ڏوھارين جي رھائش گاھن تي قبضو ڪري ورتو ھوڏانھن مارجي ويل ڏوھاري ۽ زخمين ڏوھارين کي ساٿي کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃڻ جا چوٻول ان موقعي تي ايس ايس پي گھوٽڪي سمير نور چنا ڳالھائيندي  چيو ته پوليس جا حوصلا بلند آھن ڏوھارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.