آزاد ڪشمير کي آئيني صوبو بڻائڻ گهرجي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن راج ناٿ سنگهه کي ايترو ئي يقين آهي ته پوءِ ٻنهي ڪشميرن ۾ ريفرنڊم ڪرائي ڏسي ته ڪير ڪنهن سان گڏ رهڻ چاهي ٿو؟  نجي ٽي وي چينل جي پروگرام  ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته اسان ڪشمير کي آئيني صوبو بڻائڻ بدران ان کي انتظامي صوبو بڻايو آهي، سي سي آءِ ۾ هنن جو ڪو به حصو ناهي، ٻين قومي ڪميٽين ۾ ان جو ڪو به حصو ناهي، وفاق ان کي پئسا ڏئي ٿو پر صوبن کي روينيو جي ورڇ ۾ سندن ڪو به حصو نه آهي. هن چيو ته هندستان جيڪڏهن آئين تحت والاريل ڪشمير کي پنهنجو صوبو بڻائي ڇڏيو آهي ته پوءِ اسان کي به ڪجهه سوچڻو پوندو؟  پنهنجي نئين پارٽي جي نالي بابت مفتاح اسماعيل چيو ته شروع ۾ اسان نالو ”اصلاح پاڪستان“ رکيو هو پر ڪجهه دوستن چيو ته نالو اردو ۾ هئڻ گهرجي

  1. عدليه ايگزيڪيوٽو جي ڪم ۾ مداخلت ڪندي ته ملڪ ڪيئن هلندو: مريم نواز

لاهور (بيورو) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد ڪريم جي شاگردن ۾ موٽرسائيڪلون ورهائڻ کان روڪڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جڏهن ٻارن  کي دفاعي تنصيبات تي حملا ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي ته ڪا عدالت حرڪت ۾ نه آئي، ٻارڙن جي ڀلائي واري اسڪيمن ۾ اڪثر ائين ئي ٿيندو آهي،  لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هڪ جج موٽرسائيڪل ورهائڻ تي پابندي لڳائيندي چيو ته ڇوڪرا موٽرسائيلڪون ملڻ بعد ڇوڪرين جي ڪاليجن ۾ وڃي انهن سان ڇيڙڇاڙ ڪندا. مريم نواز وڌيڪ چيو ته  هي ته اها ڳالهه ٿي وئي ته جيڪڏهن ماني سستي ڪيون ٿا ته غريب 2 بدران 3 مانيون کائيندو ۽ طبيعت خراب ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن سبب بيماريون وڌي وينديون، جن ڇوڪرن کي ڇوڪرين جي ڪاليجن جا چڪر لڳائڻا آهن اهي پنهنجي ذاتي ورتل موٽرسائيڪلن تي به چڪر لڳائي سگهن ٿا. مريم نواز وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عدليه ايگزيڪيوٽو جي ڪم ۾ مداخلت ڪندي ته ملڪ ڪيئن هلندو، هاءِ ڪورٽ اورنج ٽرين منصوبي کي اڳ ئي روڪي ويٺي آهي،  جنهن سبب اربين جو نقصان ٿيو، هاڻي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون نه ورهائڻ جو حڪم ڏنو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.