آزاد ڪشمير جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ فوجي سربراهه ذاتي دلچسپي ورتي: وزيراعظم انوارالحق

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اٽي ۽ بجلي اهي مطالبا آهن، جن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي،  مان عوام جي مطالبن کي سينيٽ آف پاڪستان ۾ کڻي ويو هئس. هن چيو ته ان سموري صورتحال کي ڏسندي آصف زرداري پيپلز پارٽي جي پارلياماني ميمبرن کي صدر هائوس ۾ گهرايو ۽ انهن کان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صدر زرداري جو شڪر گذار آهيان ، هن چيو ته مان وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندس شهباز شريف مون کي رات جو فون ڪري مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جيئن ته چونڊيل جمهوري حڪومت عوامي مينڊيٽ کي سمجهي ٿي، اڄ شهباز شريف هڪ هنگامي اجلاس سڏايو جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي، خدشا ٻڌڻ تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيان ٿو ۽ هن چيو ته ڪشميري عوام سان پاڪستان جا ابدي لاڳاپا آهن. مون کي جيڪو ڪرڻو آهي سو اڄ ۽ هاڻي ڪندس ۽ ساڳئي وقت نوٽيفڪيشن جاري ڪندس. هن چيو ته بجلي ۽ اٽي بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. چوڌري انوار الحق چيو ته اسان عوامي احتجاج کي طاقت طور استعمال ڪيو، حڪومت جو ڪو ذاتي ايجنڊا ناهي، معاملي کي سنجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي، اسٽيبلشمينٽ ۽ آرمي چيف انهن مسئلن جي حل لاءِ ذاتي دلچسپي ورتي ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز اتفاق ڪيو ته جيتري حد ممڪن هوندو پنهنجي خرچن ۾ گهٽتائي آڻينداسين ۽ ڪشميرين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم ۽ وزيرن جي سڄي سال جي خرچ کي عوام آڏو آڻينداسين، اهي مراعتون ختم ڪري ڇڏيون آهن، پاڪستان حڪومت جو جائز مطالبو قبول ڪيو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته ڪشمير ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار آهي، ايل او سي تي هٿياربند فوجن جون شهادتون وڌي رهيون آهن، پاڪستاني فورسز جو سڌو سنئون تعلق اتي جي امن امان سان آهي ۽ ڪشمير پاليسي بابت جيترا بيان ٻڌا آهن 5 آگسٽ جي بعد ان کي هٿياربند فوج پري ڪيو، اها انهن جي ڪريڊٽ آهي، جيڪا کيس ملڻ گهرجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.