ڪراچي (ماريا اسماعيل)سنڌ ھاءَ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ تحريڪ انصاف کي ڪراچي ۾ جلسي جي اجازت نه ملڻ وارو ڪيس ۾ تحريڪ انصاف سنڌ جو صدر حليم عادل شيخ پنھنجي وڪيلن جي ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت گهرو کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي،چيف جسٽس چيو ته جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو ڪوئي جواز ناھي، ھي ھاءِ ڪورٽ آھي، اھڙيون جڙتون رپورٽون جمع ڪرائي اسان کي بيوقوف نه بڻايو .عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست تي لاڳاپيل ادارن کي 10 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،عدالت چيو ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته ڌرين جي رضامندي سان متبادل هنڌ تي جلسي جي اجازت ڏني وڃي، چيف جسٽس سرڪاري وڪيل سان مڪالموڪندي چيو ته عدليه خلاف ڳالهائڻ تمام آسان آهي، توهان سڀ ان جي پويان آهيو، سوشل ميڊيا تي عدليه خلاف مهم هلائڻ تمام آسان آهي، توهان ڪم اهڙي طرح ڪريو ته عدالت توهان جي خلاف فيصلو نه ڏئي، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڇا هي خلائي مخلوق آھن، هن ملڪ جا شهري نه آهن؟ يا ڊڪليئر ڪريو ته ھي ڌاريا آهن، ٻار ٻار کي خبر آهي ته اها جنگ ڪنهن جي آهي؟ آخر ڪيستائين توهان ماڻهو معاملا ائين ھلائيندا؟ جلسو ڪرڻ سندن حق آهي، جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي،عدالت ايڊيشنل سيڪريٽري گهروکاتي کان پڇاڻو ڪيو ته 2مئي تي ٿيل جلسي جي رپورٽ ڇا هئي؟ جڏهن هي جلسو ٿيو ھو ته توهان ڪٿي هئا؟ چيف جسٽس عقيل عباسي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته معذرت سان رپورٽ ۾ سمورين ايجنسين جي نالائقي جهلڪي رهي آهي اهو سلسلو ايندڙ پنجاهه سالن تائين جاري رهندو، چيف جسٽس عقيل عباسي چيو ته ڪرفيو لڳائي ڇڏيو ۽ ماڻھن کي راشن گهرن تائين پهچايو.هي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ جو معاملو ته ناهي آهي،انهن ئي حالتن ۾ ٻيا ماڻهو جلسو ڪري هليا ويا، چيف جسٽس چيو ته ان کي برگر پارٽي چئو ٿا نه، پهچائي ڇڏيو انهن کي انجام تائين؟ اهو ئي چاهيو پئي اوهان؟اها توهان جي جمهوريت آهي؟ اهو سڀ ڪيستائين هلندو؟ ان حد تائين وڃو جو توهان برداشت به ڪري سگهو، جسٽس عقيل عباسي چيو ته توهان انهن تي پابندي لڳائڻ چاهيو ٿا ته آڻيو درخواست، قانون اجازت ڏيندو ته اسان انهن تي فوري پابندي لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏينداسين، چيف جسٽس چيو ته جڏهن کان ملڪ بڻيو آهي تڏهن کان ٻڌندا پيا اچون ته ملڪ خطري ۾ آهي، ملڪ کي هن خطري مان هڪ ئي ڀيرو ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته مهذب بڻجڻ چاهيو ٿا ته سڀني لاءِ هڪ قانون بڻايو، ٻيا ماڻهو ته جلسو ڪري ويا نه؟ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڻھو بيزار ويٺا آھن .اسان انتظاميه کي چئون ٿا ته عدالت جي توھين نه ڪري.پاڪستان تحريڪ انصاف ضرور جلسو ڪندي..