آزاد ڪشمير ۾ چوٿين ڏينهن به ڇڪتاڻ ،رينجرز گاڏين کي باهه، 3 ڄڻا مارجي ويا،7 زخمي

مظفرآباد ( م ڊ ) پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي راڄڌاني مظفر آباد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مظاهرين ۽ رينجرز وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.مظاهرين رينجرز جي ٻن گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. اکين ڏٺن شاهدن ۽  اسپتال جي ذريعن موجب، حملي دوران گهٽ ۾ گهٽ 3 ڄڻا زخمي ۽ ٻه ڄڻا مارجي ويا. مظفرآباد شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج شروع ٿي ويو آهي.عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي آزاد ڪشمير ۾ بجلي ۽ اٽي جي مهانگي خلاف شٽرڊائون هڙتال چوٿين ڏينهن به جاري رهيو ، جتي ڪاروباري مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ بند آهي. جڏهن تان مختلف علائقن مان قافلا مظفر آباد پهچڻ تي ڇڪتاڻ وڌي وئي، مظاهرين جا پوليس ۽ رينجرز سان چڪريون پڻ ٿيون. رپورٽ مطابق مطالبن جي حق ۾ مختلف علائقن مان لانگ مارچ راولڪوٽ کان ديريڪوٽ کان مظفر آباد طرف روان دوان آهن. ڪوهالا ۾ پوليس ۽ مظاهرين آمهون سامهون ٿي ويا، مارچ ۾ شريڪ ماڻهن پوليس وين کي هيٺ اڇلي ڇڏيو، جنهن بعد پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، صورتحال ان وقت ڇڪتاڻ واري ٿي وئي، جڏهن مختلف علائقن کان احتجاجي قافلا مظفرآباد پهتا، مظاهرين جون پوليس ۽ رينجرز سان چڪريون ٿيون ۽ پوليس جوابي ڪارروائي مظاهرين مٿان شيلنگ ڪئي.احتجاج ۽ مظاهرن کي نظر ۾ رکندي اڄ سمورا تعليمي ادارا ۽ ضلعي آفيسون بند رهيون، احتجاجن سبب پونچھ، باغ ۽ جهلم وادي سميت سڄي آزاد ڪشمير ۾ مسلسل 4 ڏينهن کان عام زندگي مفلوج بڻيل آهي. ٽرانسپورٽ جي بندش سبب سڄي وادي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ميڊيڪل اسٽور به بند آهن ۽ دوائون نه ملڻ سبب مريض ۽ سندن گهرڀاتين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. حڪومت آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 2 ڏينهن لاءِ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪنهن به اڻوڻندڙ ​​صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مظفرآباد سميت اهم علائقن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ اهم تنصيبن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير جي صورتحال تي خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سميت سياسي قيادت، وزيرن ۽ آزاد ڪشمير جي سربراهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته وفاقي وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اتحادي پارٽين به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو جڏهن ته وزيراعظم ڪشميري عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ 23 ارب رپين جي فوري فراهمي جي منظوري ڏني. جنهن کانپوءِ توانائي کاتي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيوآهي ، نوٽيفڪيشن موجب 100 يونٽن تائين بجلي جي قيمت 3 رپيا في يونٽ هوندي، جڏهن ته 300 ڪمرشل يونٽن تائين بجلي جي قيمت 10 رپيا في يونٽ هوندي، 100 کان 300 يونٽن تاتين 5 رپيا جڏهن ته 300 کان وڌيڪ يونٽن تي 6 رپيا في يونٽ هوندي ۽ 300 کان وڌيڪ يونٽن جي استعمال تي 15 رپيا في يونٽ چارج ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪشمير لاءِ 23 ارب رپين جي پيڪيج جي اعلان کانپوءِ اٽي جي سبسڊي تي به عمل شروع ٿي ويو،آزاد ڪشمير جي خوراڪ کاتي 23 ارب رپين جي پيڪيج جي اعلان کانپوءِ اٽي جي سبسڊي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، خوراڪ کاتي 40 ڪلو اٽي تي 11 سئو رپيا گهٽ ڪري 3100 مان 2000 هزار رپيا مقرر ڪيو آهي.حڪومت طرفان اگهه ۾ گهٽتائي جي اعلان کانپوءِ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ميمبر چيو ته هو حڪومتي نوٽيفڪيشن جو جائزو وٺي رهيا آهن، ان ۾ ڪجهه ابهام آهي، ان حوالي سان ڪميٽي جائزو وٺي احتجاج جي مستقبل جو فيصلو ڪري . ٻئي پاسي راولڪوٽ ۾ آزاد ڪشمير حڪومت جي متحده ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون. متحده ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين شوڪت نوز مير چيو ته اسان جا 3 مطالبا آهن،  سستو اٽو،بجلي ۾ مڪمل رليف ڏنو وڃي،هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ٽيون مطالبو اشرافيه کان مراعتن جي واپسي آهي، جيستائين حڪومت انهن ٽنهي مطالبن کي تسليم نه ڪندي تيستائين هڙتال جاري رهندي.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت مطالبا تسليم ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري، اسان جو احتجاج پرامن آهي، ان کي سبوتاژ ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.