اپوزيشن وارا ڳالهين ۽ پارليامينٽ جي چونڊ ڪن: شيري رحمان

اسلام آباد (م ڊ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان اپوزيشن پارٽين کي ڳالهين ۽ پارليامينٽ جي چونڊ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون تقسيم ۽ احتجاج بدران ڳالهين ۽ پارليامينٽ جي چونڊ ڪن.پ پ سينيٽر وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻي ۾ مخالف ڌر جو اتحاد ملڪ جي وڏين پارٽين سان رڳو پنهنجي بيان بازي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ نه ٿي چاهي.

  1. راڻا ثناءُ الله ۽ شهباز شريف ڊمي آهن، ڳالهيون طاقتورن سان ٿينديون :پي ٽي آءِ ترجمان

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله ۽ شهباز شريف ڊمي آهن، اسٽيبلشمينٽ جي زور تي ڳالهين جي آڇ ڪري رهيا آهن.ڳالهيون انهن سان ٿينديون جن وٽ طاقت آهي،جنهن سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا انهن طرفان ڪو به انڪار ناهي ڪيو ويو، اسان کي راڻا ثناءِ الله ۽ شهباز شريف ذريعي پيغام  پهچايا پيا وڃن، اسان چئون ٿا اسان سان سڌو رابطو ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو ته جيڪي ڳالهائڻ چاهين ٿا انهن کان انڪار ناهي. انڪار قبوليت ۾ تبديل ٿي ويندو، گفتگو انهن سان ٿيندي، جيڪي طاقت جو سرچشمو آهن. راڻا ثناءُ الله جي گرانڊ ڊائلاگ جي آڇ کي رد ڪندي رئوف حسن چيو ته راڻا ثناءُ الله راڻا ثناءِ الله يا شهباز شريف سان ڪير ڳالهايون ڪرائي رهيو آهي، انهن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه ناهي. اهي ماڻهو اسٽيبلشمينٽ جي زور تي ڳالهين جي آڇ ڪري رهيا آهن

  1. پي ٽي آءِ ڳالهين جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هن حڪومت کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي،ان کان علاوه ٻيو ڪو آپشن ناهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ڳالهين جي آڇ کي رد ڪيو ويو، صدر به پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني جنهن ۾ حڪومت جي رضامندي شامل هئي،جمهوريت ۾ ڳالهين کان علاوه ٻيو ڪو رستو ناهي هوندو،

هڪ شخص جي  پارٽي موجود آهي جيڪوپارليامينٽ کي تسليم نٿي ڪري هن چيو ته پ پ ڪابينا ۾ شامل ناهي پر حڪومت جو حصو آهي، اميد آهي ته ڪابينا ۾ شموليت جي حوالي سان پ پ جلد فيصلو ڪندي

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.