ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته اسان عوام جي جان و مال جي تحفظ تي سياست نه ڪئي آهي، اسان هميشه پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪڏهن به اسٽريٽ ڪرائم کي سياسي مسئلو نه بڻايو آهي، سنڌ صوبو ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته جن مسئلن سان شهري پريشان آهن ان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، اسان شهرين وٽ وڃي انهن جي مسئلن تي ڳالهائينداسين. هن چيو ته حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، اسان کي سنڌ جي عوام کي درپيش مسئلن تي آواز اٿارڻو پوندو، سنڌ جي ڪيترن ئي کاتن ۾ رشوت نظام جو حصو بڻجي چڪي آهي،
ڪوآپريٽو سوسائٽين ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي. معاشرن ۾ رشوت جو رواج وڌي چڪو آهي، سو اڄ به اها صورتحال آهي. علي خورشيدي چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽين جو ڪاروبار سنڌ حڪومت جي ماتحت هلي رهيو آهي، اهڙي صورتحال هوندي ته حالتون ڪيئن بهتر ٿينديون؟ هن صوبي ۾ سسٽم جو ڌنڌو بند ناهي ٿيو.