غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي( اتر سنڌ ۾ بدترين بدامني سبب غوثپور واسي وڌيڪ هڪ خاندان سنڌ ڌرتي ڇڏي ڀارت روانا ٿي ويا آهن، ششپال داس فيملي سميت لاهور رستي ڀارت وڃڻ لاءِ لاهور روانا ٿي ويا آهن، شهرين وڏي انگ ۾ غوثپور انڊس هاءِ وي تي تي پهچي ڀارت لڏي ويندڙ خاندان سان روانگي وقت موڪلاڻي ڪئي، ڀارت روانگي وقت ششپال داس سنڌ ڌرتي کي سجدو ڪري موڪلائڻ بعد ڪوچ ۾ لاهور روانا ٿي ويو ڀارت لڏي ويندڙ واپارين جو چوڻ ھو ته سنڌ ڌرتي سان ماء جيان ناتو آهي ان کي ڇڏڻ ايترو سولو ناهي پر مجبور ٿي پنهنجو ديس ڇڏي پيا وڃون ڌاڙيل ڪلچر سبب هتي هاڻي پنهنجي جان ۽ ٻچا به غير محفوظ بڻجي ويا آهن.