پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ واڌ، سنڌ ۽ پنجاب جي حصي ۾ اضافو

اسلام آباد(بيورو) ارسا پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ کانپوءِ پنجاب ۽ سنڌ کي پاڻي جي فراهمي ۾ واڌ ڪري ڇڏي. موسمياتي تبديلين جي اثرن۽ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ کانپوءِ ارسا جو هنگامي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ تربيلا ڪي ٽي 5 منصوبي جو به جائزو ورتو ويو. ارسا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تربيلا ڊيم جي ليول 20 جون تائين 1470 فوٽ رکي وڃي، تربيلا ڊيم جي ليول کي پوءِ 5 فوٽ وڌائي ويندي، 30 جون کان پوءِ ارسا ڊيم کي پنهنجي قائدن ۽ ضابطن موجب ڀرڻ لاءِ خودمختيار هوندو. ارسا طرفان پنجاب ۽ سنڌ جي پاڻي ۾ به اضافو ڪيو ويو، پنجاب جو حصو 3.15 سيڪڙو ۽ سنڌ جو حصو 2.74 سيڪڙو وڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب جي پاڻي جو حصو 12.42 ايڪڙ فوٽ، سنڌ جو پاڻي جو حصو 8.29 ايڪڙ فوٽ وڌايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.